سعودي عرب جي سلامتي کي خطرو ٿيو ته فرض ادا ڪنداسين: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته سعودي عرب جي سلامتي هر مسلمان کي عزيز آهي، برادر ملڪ جي سلامتي کي خطرو ٿيو ته پنهنجو فرض ادا ڪنداسين، جوڊيشل ڪميسن بڻجي وئي آهي هاڻ ڏسون ٿا ته عمران خان جي ٿيلي مان ڪهڙي ٻلي ٻاهر اچي ٿي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته سعودي عرب جي سلامتي کي خطرو ٿيو ته پاڪستان پنهنجو فرض ادا ڪندو، يمن ۾ امن جي بحالي لاءِ خطي جا ملڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ان مسئلي  کي ڳالهه ٻولهه وسيلي حل ڪرڻ گهرجي، يمن جي صورتحال تي ايراني پرڏيهي وزير سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽سڀني جي خواهش آهي ته ان مسئلي کي ڳالهين وسيلي حل ڪيو وڃي ان لاءِ پاڪستان ٻين ملڪن سان گڏجي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندو،  پرويز رشيد جو چوڻ هو ته عمران خان وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون آهن پر ان جون سموريون دعوائون ئي ڪوڙيون ثابت ٿيون هنيئر تائين جيڪي ٿيلها کليا آهن ان مان به عمران خان جي ووٽن ۾ گهٽتائي ٿي آهي هن چيو ته تحريڪ انصاف ڌانڌلي جا ثبوت 2 سالن کان بگلي ۾ بند ڪري رکيا آهن جڏهن ته هاڻ جوڊيشل ڪميشن بڻجي وئي آهي ڏسون ٿا ته عمران خان جي ٿيلهي مان ٻلي ٻاهر اچي ٿي يا نه.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *