سعودي عرب جو پاڪستان کي دير سان ادائيگي تي تيل جي فراهمي شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪستان کي اڄ کان دير سان ادائيگي تي تيل جي فراهمي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سعودي سفارتخاني موجب پاڪستان کي اڄ کان ماهوار 275 ملين ڊالرن جو تيل فراهم ڪيو ويندو ۽ سعودي عرب 3 سالن تائين پاڪستان کي 9 ارب 90 ڪروڙ ڊالرن جو تيل ڏيندو. سفارتخاني طرفان ٻڌايو ويو ته سعودي عرب گذريل سال پاڪستان لاءِ اقتصادي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، پيڪيج ۾ ٻاهرين ادائيگين لاءِ 3 ارب ڊالر به شامل هئا، جڏهن ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڪُل 20 ارب ڊالرن جا معاهدا ٿيا. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان گذريل سال اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ سعودي عرب جو دورو ڪيو هو، جنهن دوران سعودي عرب طرفان پاڪستان لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *