سعودي عرب تڪرار،ايران فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ تي راضي، سعودي عرب کي به درخواست ڪئي ويندي: نوازشريف

تهران (م.ڊ) وزيراعظم نوازشريف ۽ ايراني صدر حسن روحاني جي ملاقات ۾ ايران،سعودي عرب ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ ايران پنهنجو فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي.ان سلسلي ۾ سعودي عرب کي به پنهنجو فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي،جڏهن ته پاڪستان به پنهنجو فوڪل پرسن مقرر ڪندو.وزيراعظم نوازشريف تهران ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايران تڪرار حل ڪرڻ لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.سندس چوڻ هو ته سعودي عرب کي به چيو ويندو ته هو پنهنجو فوڪل پرسن مقرر ڪري.سعودي عرب ۽ ايران تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ پاڪستاني ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.نوازشريف جو چوڻ هو ته اسان ڪنهن جي به چوڻ تي امن مشن شروع ناهي ڪيو اهو اسان جو پنهنجو فيصلو آهي.نوازشريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٻن اسلامي ملڪن ۾ ٺاهه لاءِ پنهنجو فرض نڀائي رهيو آهي.ٻنهي ملڪن ۾ تڪرار جو پرامن حل اسلامي ۽ مقدس فرض آهي.ٽياکڙي ڪردار نڀائن اسن لاءِ فخر جوڳو آهي.مان ٻنهي ملڪن جي دورن مان گهڻو مطمئن آهيان. ميڊيا سان ڳالهائڻ کان اڳ  وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سعودي عرب کان ايران پهچي ويا،جتي هنن جو ايراني قيادت سان ملاقاتن وارو سلسلو هلي رهيو آهي.ذريعن مطابق وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف تهران ائيرپورٽ پهتا ته سندن ڀرپور آجيان ڪئي وئي،جنهن کانپوءِ وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات لاءِ قصر صدارت پهتا،جتي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات هلي رهي آهي.ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف،وزيراعظم نوازشريف جي خاص صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ٻيون اختياريون به شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *