سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو

ميونخ (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن ڪشميرين کي سندن حق ملکي ها ته پلواما جهڙا دهستگردي جا واقعا نه ٿين ها واقعي کان پوءِ ڀارت جو ردعمل هڪ فطرتي عمل آهي ڀارت پاران/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 42

پاڪستان تي لڳايل الزام جذباتي نوعيت جا آهن جرمني جي شهر ميونخ ۾ هڪ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ بلاول ڀٽو زرداري ينگ گلوبل ليڊر جي حيثيت سان شرڪت ڪئي جنهن کان پو3 ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت پاران پاڪستان تي لڳايل الزام جذباتي نوعيت جا آهن پ پ پ چيئرمين چيو ته دهشتگردي جي معاملي تي پاڪستان جو چٽو موقف آهي دهشتگردي جي نه ته حمايت ڪيون ٿا ۽ نه ئي دهشتگردي چاهيون ٿا پ پ پ چيئرمين سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جي پاڪستان اچڻ تي کيس ڀليڪار چيو ۽ چيو ته چاهيون ٿا ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي خطي جي حالتن کي نطر ۾ رکندي وسيع بنيادن تي طئي ڪرڻ گهرجي هن چيو ته پاڪستان صرف هڪ ملڪ سان لاڳاپا بهتر نٿو رکي سگهي پر سڀني سان سٺا سفارتي لاڳاپا رکڻ گهرجن بلاول ڀٽو زرداري وزيراعطم کي مخاطب ٿيندي چيو ته بهتر ٿئي ته جيڪڏهن وزيراعظم پرڏيهي پاليسي ۾ پارليمان جي راءِ شامل ڪري ها سعودي ولي عهد جي دوري جي معاملي تي وزيراعظم مخالف ڌر کي ٻاهر رکيو ان جي باوجود مخالف ڌر جماعتن ان معاملي تي سياست نه ڪئي وزيراعظم کي سليڪٽڊ وزيراعظم جو لقب ڏيڻ جي بيان تي بلاول ڀٽو چيو ته هو ملڪ اندر رهندي مٿس تنقيد ڪري ٿو ڇو ته هو پاڪستان ۾ نه آهي تنهنڪري وزيراعظم کي سليڪٽڊ نه چوندو تحريڪ انصاف جي حڪومتي پاليسين تي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پرڏيهي پاليسي هجي يا اقتصادي، حڪومت جو منصوبو واضح نه آهي هر فيصلي تي يوٽرن وٺڻ سان نه ته معيشت هلي ٿي، نه ئي رياست ۽ نه ئي سياست بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس جماعت وائيٽ پيپر تيار ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪو جلد عوام آڏو پڌرو ڪيو ويندو چونڊن جا نتيجا صرف آئين کي تڪراري نه بئاڻ جي ڪري قبول ڪيا پاڪستان ۾ ٽين جمهوري حڪومت پاڪستان پيپلزپارٽي جي نطريي جي فتح آهي پ پ پ چيئرمين وزيراعظم عمران خان کي مشورو ڏنو ته مفاهمت جي سياست ڪري ۽ اپوزيشن موڊ مان نڪري حڪومتي ذميواري قبول ڪري حڪومت کي اپوزيشن جماعتن سان گڏجي ملڪ جي مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *