سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن. وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ/ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته جڏهن هن سعودي شهزادي کي چيو ته سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ 25 لک پاڪستانين سان اهڙو ورتاءَ ڪيو وڃي جيئن هو توهان جا پنهنجا ماڻهو هجن.

وزيراعظم عمران خان چيو ته شهزادي محمد بن سلمان منهنجي ڳالهه جي  جواب ۾ چيو ته مون کي سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير سمجهيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *