سعودي حڪومت پاڪستان کان فوجي مدد گهري ورتي

رياض(م.ڊ) سعودي عرب يمن جنگ ۾ پاڪستان کان فوجي مدد گهري ورتي، اهڙي مدد سعودي اختيارين پاڪستان جي سعودي ويل وفد کان گهري آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته خواجه آصف جي سربراهي ۾ وفد اڄ ڏيهه واپس پهچي وزيراعظم کي سعودي جي مدد گهرڻ بابت آگاهي ڏيندو، سعودي ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان فوج جو هڪ دستو سعودي عرب موڪليندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاءَ واري خواجه آصف جي سربراهي ۾ سعودي عرب ويل وفد رياض ۾ سعودي اختيارين سان ملاقات ڪئي ۽ يمن جنگ ۾ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ذريعن موجب سعودي اختيارين يمن ۾ باغين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کان فوجي مدد گهري ورتي آهي، جڏهن ته سعودي ويب سائٽ به دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان پنهنجو هڪ فوجي دستو سعودي عرب موڪليندو. ذريعن موجب پاڪستان سعودي اختيارين کي خاطري ڪرائي آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب جي سلامتي ۽ جاگرافي کي ڪوبه نقصان پهتو ته پاڪستان پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ڪري سعودي عرب جو دفاع ڪندو. پاڪستاني وفد سعودي اختيارين کي وزيراعظم نواز شريف جو خاص پيغام به پهچايو ۽ چيو ته پاڪستان دوست ملڪن سان رابطا ڪري يمن بحران جو پرامن حل ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. خواجه آصف جي سربراهي ۾ وفد اڄ ڏيهه واپس پهچندو، وفد وزيراعظم کي سعودي عرب طرفان فوجي مدد گهرڻ بابت آگاهي ڏيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته فوج سعودي عرب موڪلڻ جو حتمي فيصلو وزيراعظم نواز شريف ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *