سعد رفيق کي عوام کان وڌيڪ ڏوهاري وزيراعظم جي ڦرمار بچائڻ جو فڪر آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ريلوي واري وزير جو پنهنجي وزارت جي معاملن سان ڪوبه لين دين نه آهي روزانو ٽرين حادثن تي حڪومتي رويو انتهائي شرم جو مقام آهي ٽوئٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته جيڪا حڪومت صرف ريلوي ڪراسنگ پوائنٽ محفوظ نه ڪري سگهي ان کان ڪنهن قسم جي ڪارڪردگي جي توقعه ڪري سگهجي ٿي ريلوي واري وزير کي سخت تنقيد جو نشآنو بڻائيندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين چيو ته ريلوي وارو وزير پنهنجي وزارت سان ڪابه دلچسپي نٿو رکي انهن کي صرف شريفن جي غلامي نظر اچي رهي آهي هن چيو ته ماڻهن جي زندگي بچائڻ کان وڌيڪ ريلوي واري وزير کي وزيراعظم ۽ ان جي خاندان جي ڦرلٽ بچائڻ جو فڪر آهي. خمين جي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي عمران خان چيو ته هادثي جي ذميواري ڪنهن ننڍي ملازم تي وجهي وڏن ڏوهن کي بچائڻ جي ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *