سرگوڌا جي علائقي ۾ بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 مسافر فوت، عورتن ۽ ٻارن سميت 12 زخمي

سرگوڌا(اي پي پي) پنجاب جي ضلعي سرگوڌار جي سلانوالي ٿاڻي جي حد ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو فوت جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 12 زخمي ٿي پيا. پوليس ذريعن خميس ڏينهن ٻڌايو ته حادثو هڪ مسافر بس جي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيش آيو. زخمين ۾ 4 عورتون ۽ 2 ٻار پڻ شامل آهن جن کي فوري طور تي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فوتين جا مڙهه ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *