سرگودها ۾ عورت مڙس ۽ 2 ٻارن سميت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، عورت فوت

سرڳوڌا(م.ڊ) سرگودها ۾گهريلو اڻبڻت تان هڪ عورت مبينا طور تي مڙس ۽ 2 ٻان سميت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، عورت اسپتال ۾دم ڏنو، جڏهن ته مڙس ۽  ٻن ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، پوليس مطابق نواحي ڳوٺ ۾مبينا طور تي گهريلو اڻبڻت تان هڪ عورت مبينا طور پنهنجي مڙس ۽ ٽن سالن جي ڌيءَ ۽ 5 سالن جي پٽ کي باهه ڏئي ڇڏي، عورت زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾فوت ٿي وئي، جڏهن ته مڙس ۽ ٻن  ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *