سرڪار فوري طور جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ٻي صورت ۾ نواز شريف لاءِ حڪومت هلائڻ ڏکي بڻجي ويندي:عمران خان

لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف پاران لاهور جي 26 هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا، ڪپتان جي ڪارڪنن پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ سبب ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو، جڏهن ته احتجاج سبب روڊ تي ڦاٿل ايمبولنسز ۽ رڪشي ۾ هڪ معصوم ٻارڙِي ۽ نينگر سميت 3 مريض رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا. تحريڪ انصاف پاران چونڊ ڌانڌلين خلاف پلان سي تحت فيصل آباد ۽ ڪراچي کانپوءِ لاهور ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ جا ڪارڪن صبح سوير 7 وڳي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. گلبرگ، مغل پوره، جــِي ٽي روڊ، مال روڊ، شاليمار روڊ، والٽن روڊ، رائيونڊ روڊ ۽ ملتان روڊ، پي ايم جــِي، يتيم خانو چوڪ، شاهدره موڙ ۽ ٺوڪر نياز بيگ سميت 26هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا آهن. ڌرڻن سبب روڊن تان پبلڪ ٽرانسپورٽ غائب، پيٽرول پمپس بند جڏهن ته تعليمي ادارن ۽ آفيسن ۾ حاضري گهٽ رهي. لاهور ۾ ڌرڻن سبب مختلف روڊن تي ايمبولنسز به ڦاسي پيون جنهن سبب مريض ۽ انهن جا مائٽ پريشان رهيا. شاهدره واري علائقي ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب رستو نه ملڻ ايمبولنس ٽريفڪ ۾ ڦاسي پئي جنهن ڪري ان ۾ موجود 15 ورهين جو نينگر فوت ٿي ويو جڏهن ته 17 ڏينهن جي سدره رياض به اسپتال نه پهچڻ سبب رستي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. جوڙا پل وٽ رستو نه ملڻ ڪري رڪشي تي سوار مريض 40 ورهين جو امانت علي فوت ٿي ويو. پي ٽي آءِ جــَي صوبائي صدر اعجاز چوڌري جي قيادت ۾ ناصر باغ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به وڏي انگ ۾ موجود هئا. پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ وڪيلن، جــِي پي او چوڪ تي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي گو نواز گو جا نعرا به هنيا ويا. ڪارڪنن پنجاب اسيمبلي آڏو، مال روڊ نهر جي پل ۽ لبرٽي گول چڪر تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيا. ڀــُٽا چوڪ وٽ ڌرڻي سبب ڊفينس ويندڙ رستا بند ويا، جڏهن ته چونگي امر ســِڌو وٽ ڪارڪنن ميٽرو بس تي پٿراءُ ڪيو جنهن بعد سڄي شهر ۾ ميٽرو بس سروس معطل ڪئي وئي. فيروز پور روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب لاهور کان قصور ويندڙ رستو بند ٿي ويو جڏهن ته ماڊل ٽائون، اتفاق اسپتال جو رستو به بند ڪيو ويو. ملتان روڊ تي يتيم خاني چوڪ کي ٽائرن کي باهه ڏئي بند ڪيو ويو جنهن سبب رائونڊ، منصوره، ملتان چونگي ڏانهن ويندڙ رستو بلاڪ ٿي ويو. ٺوڪر نياز بيگ چوڪ بند ٿيڻ سبب موٽر وي ۽ ملتان روڊ بلاڪ ٿي ويو، شاهدره چوڪ تي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. شاهدره چوڪ تي ڌرڻي سبب رنگ روڊ، بتي چوڪ، مينار پاڪستان ڏانهن ويندڙ جڏهن ته ڀيڪــَي وال چوڪ تي ڌرڻي سبب اقبال ٽائون سميت ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ روڊ بند ٿي ويا. اڪبر چوڪ تي ٿيندڙ احتجاج سبب ٽائون شپ، جوهر ٽائون ۽ فيصل ٽائون ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند آهن. ٻئي طرف صوبائي حڪومت امن امان برقرار رکڻ لاءِ سڄي شهر ۾ 20 هزار کان وڌيڪ سڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. ڊي سي او لاهور ڪيپٽن رٽائرڊ محمد عثمان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ 18 پوائنٽس بند ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر 26 هنڌ بند ڪيا ويا آهن. ڊي سي او موجب 26 هنڌن کانسواءِ سڄي لاهور ۾ ٽريفڪ روان دوان آهن، جڏهن ته موٽر سائيڪل سوارن کي گــُذرڻ جي جاءِ ڏني پئي وڃي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته لاهور واسين ڌانڌلين خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، سرڪار فوري طور جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري، ٻي صورت ۾ نواز شريف لاءِ حڪومت هلائڻ ڏکي بڻجي ويندي. لاهور ۾ چيرنگ ڪراس وٽ تحريڪ انصاف جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف وٽ ٻه رستا بچيا آهن، يا ته هو فوري طور جوڊيشل ڪميشن قائم ڪري اليڪشن جي جاچ ڪرائي، نه ته ٻيو رستو نه رڳو سندس ڏکيائين ۾ واڌ ڪري ڇڏيندو، پر ان جو حڪومت ڪرڻ ۾ ناممڪن بڻجي ويندو، ڇاڪاڻ ته هاڻي سندن پلان ڊي به تيار آهي. هن چيو ته لاهور واسين فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته 2013 جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي ۽ نواز شريف چونڊون ڌانڌلي ڪري کٽيون. هن چيو ته تحريڪ انصاف هڪ جمهوري پارٽي آهي ۽ ملڪ ۾ شفاف اليڪشن ڏسڻ چاهي ٿي، پر حڪومت انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ کين رستن تي وٺي آئي. عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ هڪ سئو 24 ڏينهن جو دنيا جو سڀ کان وڏو پرامن ڌرڻو هنيو، پر اڃا تائين کين انصاف ناهي مليو. هن چيو ته هو 2013 جي اليڪشن جو احتساب چاهين ٿا، جيڪڏهن نواز ليگ کٽيو آهي ته ان جا ماڻهو ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ کان ڇو ڊڄي رهيا آهن ۽ ڇا جي لاءِ عدالتي حڪم تي پويان لڪيل آهن. تحريڪ انصاف چيئرمين جو چوڻ هو ته هو حڪومت کان به شيءِ نه پر پنهنجو حق انصاف گهري رهيا آهن، سرڪار ڀلي ڇا به ڪري هو انصاف وٺڻ کانسواءِ واپس نه ويندا. عمران خان لاهور جي واپاري برادري، وڪيلن، ٽرانسپورٽرز ۽ عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو ملڪ جي مستقبل ۽ جمهوريت جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي جدوجهد سان هڪ ڏينهن حقيقي جمهوريت ايندي، جنهن کي عوام ياد رکندو. تحريڪ انصاف سربراهه مطالبو ڪيو ته فيصل آباد ۾ مارجي ويل ڪارڪن حق نواز جي قتل ڪيس ۾ راڻا ثناءُ الله کي جيل ۾ وڌو وڃي، هو ڏوهاري آهي، جيڪڏهن کيس ماڊل ٽائون واقعي کانپوءِ جيل موڪليو وڃي ها ته فيصل آباد حالتون خراب نه ٿين ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *