سرڪاري آفيسرن جي بدلين سان قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ مان آفيسرن جي بدلين جو معاملي وڌيڪ شدت اختيار ڪري ورتي وڏي وزير مرادعلي شاهه وزيراعظم عمران خان کي خط لکي ڇڏيو آهي سنڌ ۾ مقرر 5 آفسرن جي بدلين کان صوبائي حڪوتم انڪار ڪري ڇڏيو آهي سول سروس آف پاڪستان ۾ شامل آفيسرن جون بدليون رولز جي شق 15 تحت ٿيڻو آهن، تفصيل موجب وفاق ۽ سنڌ وچ ۾ بدلين جو معاملو حل ناهي ٿي سگهيو، وڏي وزير مرادعلي شاهه، سنڌ ڪابينه جي فيصلي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي هڪ ٻئي کي خط لکڻ جو سلسلو جاري آهي، مرادعلي شآهه وزراعظم عمران خان کي خط لکي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪري ڇڏيو اهي. صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ ڪم ڪندڙ آفيسر کي ڪنهن وڏي عهدي تي وڏي وزير جي منطوري بنا مقرر نٿو ڪري سگهجي خط جي متن ۾ چيو ويو ته صلاح مشوري جو مطلب وڏي وزير کي آفيسرن جي نالي جو پينل موڪلڻ آهي مرادعلي شاهه چيو ته بامقصد مشاورت وزراعظم ۽ وڏي وزير وچ ۾ ٿيڻي اهي وفاقي حڪومت سان ڪيترائي ڀيرا رجوع ڪيو ته سنڌ ۾ افيسرن جي کوٽ پوري ڪريو. مراد علي شاهه خط ۾ چيو ته سول سروس آف پاڪستان ۾ شامل آفيسرن جون بدليون رولز جي شق 15 موجب ٿيڻيون آهن سنڌ ۾ 26 پوليس آفيسرن بدران 22 ۽ ايڊمنسٽريٽو سروس جا 47 آفيسر گهٽ آهن، گريڊ 20 جي پوليس آفيسرن کي سنڌ مان واپس گهرائڻ سان انتظامي مسئلا پيدا ٿيندا خط ۾ چيو ويو تهس نڌ ۾ مقرر پنج آفيسرن جي بدلين کان صوبائي حڪومت انڪار ڪري ٿي مرادعلي شآهه سنڌ ڪابينه جي فيصلي کان وزيراعطم کي آگاهه ڪري ڇڏيو وفاق مان سنڌ ۾ 8 پوليس آفيسر مقرر ڪيا ويا هئا وڏي وزير خط ۾ چيو ته اسان پوليس سروس جي چئن آفيسرنک ي سنڌ ۾ مقرر ڪرڻ جي تجويز تسليم ڪريون ٿا سنڌ هڪوتم صرف چئن آفيسرن کي سنڌ  ۾ پوسٽنگ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو پوليس سروس جا 4 آفيسر محمد ڪريم خان شهزاد اڪبر محمد زبير دريشڪ سيد خرم علي کي سنڌ ۾ مقرر ڪرڻ جي تجويز منظور ڪريون ٿا وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت پاران ڪيل ٽرانسفر نوٽيفڪيشن کي سنڌ ڪابينه رد ڪري ڇڏيو آهي سنڌ ۾ مقرر سينيئر پوليس آفيسر ثاقب اسماعيل مقصود ميمڻ عمر شاهد نعيم شيخ ۽ نعمان صديقي جي ٽرانسفر فيصلن کي تسليم نٿا ڪريون وزيراعطم صاحب مهرباني ڪري سنڌ حڪومت جو ردعمل قبول ڪري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي حڪم ڏنا وڃن ته سنڌ جي تجويزن تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي گريڊ 17 کان گريڊ 21 جي آفيسرن جي مقرر ڪيل تعداد مطابق سنڌ ۾ مقرري جا حڪم به ڏيڻ گهرجن وڏي وزير چيو ته سرڪاري آفيسرن جي بدلين سان قانون جي ڀڃڪڙِ ڪئي وئي بدلين لاءِ وزيراعظم وڏو وزير سان صلاح مشورا نه ڪيا سنڌ ۾ پهريان ئي سرڪاري آفيسر گهٽ آهن سنڌ ۾ 20 گريڊ جا 22 آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ 20 گريڊ جي پوليس آفيسرن جو انگ 26 هجڻ گهرجي 22 پوليس آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن. پوليس سروس جي گريڊ 20 جا آفيسر زعيم اقبال، سهيل اختر، جي سنڌ ۾ مقرري رد ڪئي وئي. پوليس سروس جي گريڊ 20 جا آفيسر ڊاڪٽر انعام وحيد، عبدالغفور آفريدي جي سنڌ ۾ مقرري به رد ڪئيوئي آهي وفاقي حڪومت 9 نومبر تي پوليس سروس جي 8 آفيسرن جي ٻين صوبن مان سنڌ ۾ بدلي ڪئي هئي وفاقي گريڊ 17 کان 20 تائين جي سرڪاري آفيسرن جون بدليون ڪيون هيون بدليون روٽيشن پاليسي تحت ڪيون ويون هيون وڏي وزير وزيراعظم کي چيو ته هي معاملو بنا دير حل ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *