سري لنڪن ٽيم پاڪستان جي دوري کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) سري لنڪا ڪرڪيٽ ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو دورو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ آڪٽوبر ۾ سيريز طئي آهي، پي سي بي اختيارين سري لنڪن بورڊ کان درخواست ڪئي هئي ته هو 2 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي لاءِ پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلي، چيئرمين پي سي بي موجب سري لنڪن اختيارين حامي ڀرڻ کان پوءِ هاڻ وري معذرت ڪري ورتي آهي. سريلنڪن ٽيم طرفان پاڪستان جي دوري کان انڪار بعد هاڻ سيريز جا سمورا ميچ يو اي اِي ۾ ئي ٿيند ، ميچن جون تاريخون سريلنڪن بورڊ کي منظوري جي لاءِ موڪليون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *