سري ديوي جو موت حادثو نه پر قتل هو: ڀارتي پوليس آفيسر

 

نئين دلي(شوبز نيوز)  ڪيرالا جيل جي ڊائريڪٽر جنرل پوليس شري راج سنگهه انڪشاف ڪيو آحي ته ليجنڊ اداڪارا سري ديوي جو موت حادثي سبب نه پر کيس قتل ڪيو ويو هو.ڪيرالا جي اخبار ۾ ڊي جي پي شري راج سنگهه پاران سري ديوي جي موت جي حوالي سان مضمون شايع ٿيو جنهن ۾ هن ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا، هن مرحومه جي فارنسڪ سرجن ڊاڪٽر عما ڌتن جو حوالو ڏيندي انڪشاف ڪيو ته ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو هو ته سري ديوي جو موت قتل ٿي سگهي ٿو.شري راج سنگهه موجب ان کان سبب پڇيو ته هن ڪجهه ڳالهين جي نشاندهي ڪندي چيو ته گهڻا ئي اهڙا ثبوت به آهن جنهن مان ثابت ٿي سگهي ٿو ته سري ديوي جو موت صرف هڪ حادثو نه پر قتل هو.ڊي جي پي مضمون ۾ اهو به لکيو ته ڊاڪٽر عما ڌتن موجب جيڪڏهن هن گهڻو شراب پيتو به هو ته هوءَ پوءِ به هڪ پير سان باٿ ڊب ۾ ٻڏي نه پئي سگهي، ڇو ته ايئن ممڪن ناهي ته ڪنهن ٻئي شخص جي دٻائڻ جي ڪوشش بنا ڪو به هڪ پير يا مٿي سان باٿ ٽب ۾ ٻڏي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *