سريلنڪن ڪپتان لاسٿ ملنگا رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن فاسٽ بالر ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان لاسٿ ملنگا ورلڊ ڪپ ٽي ٽوئنٽي کانپوءِ رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.ملنگا جو چوڻ آهي ته منهنجي ريٽائرمينٽ جو وقت اچي ويو آهي ۽ ٽي ٽوئنٽي  ڪپ کانپوءِ رٽائرمينٽ تي سوچي سگهان ٿو.گذريل ڏينهن ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سريلنڪن ڪپتان جو چوڻ هو ته ٽيم بهترين انداز سان کيڏي رهي آهي،منهنجي خواهش آهي ته ملڪ کي ايشيا ۽ تي ٽوئنٽي ڪپ جا تحفا ڏيان،هاڻي 32 سالن جو ٿي ويوآهيان،هاڻي سوچان ٿو ته ڪرڪيٽ کان پري ٿي وڃا ۽ جيڪڏهن مان ڪنهن ميچ  ۾ زخمي ٿي پوان ٿو ته تقريبن 6 مهينا يا هڪ سال ڪرڪيٽ کان پري ٿي ويندس،انهيءَ کان بهتر آهي ته مان پهرين ئي رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *