سريلنڪا پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي پاليڪيلي ٽيسٽ کٽڻ لاءَ 377 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو

پاليڪيلي (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي پاليڪيلي ٽيسٽ کٽڻ لاءَ 377 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم شان مسعود ۽ يونس خان جي سينچرين جي ڏڍ تي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 230 رنسون ٺاهي ورتيون، جڏهن ته پاڪستان ٽيم کي کٽڻ جي لاءِ وڌيڪ 147 رنسون گھربل هيون. پاليڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏجندڙ ميچ جي چوٿين ڏينهن سريلنڪا جي سموري ٽيم ٻي اننگ ۾313 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ٽيم پاران هڪ ڀيرو ٻيهر مايوسيءَ واري انداز ۾ بيٽنگ جي شروعات ڪئي وئي ۽ 2 بيٽسمين 13 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، جنهن کان پوءِ اوپننگ بيٽسمين شان مسعود ۽ يونس خان سريلنڪن بالرن اڳيان ڀِٽ بڻجي ويا ۽ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي سريلنڪن بالرن کي سٺو ڪٽڪو ڏنو ۽ ٻنهي بيٽسمينن ٽين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ 217 رنسن جي ڀائيواري جوڙي پنهنجون پنهنجون سينچريون به مڪل ڪيون. چوٿين ڏينهن راند جي پڄاڻيءَ تي شان مسعود 114 ۽ يونس خان 101 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا ته چوٿين ڏينهن جي راند پڄاڻيءَ تي پهتي. سريلنڪا طرفان سرنگا لڪمل ۽ ڌميڪا پرساد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ سريلنڪا چوٿين ڏينهن جي راند شروع ڪئي ته ڪپتان اينجلو ميٿيوز 77 ۽ چنديمل 39 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. ٻنهي بيٽسمينن وچ ۾ ڇهين وڪيٽ تي 117 رنسن جي ڀائيواري جڙي ته 278 جي اسڪور تي چنديمل 67 رنسن کان پوءِ عمران خان جو شڪار بڻيو، جڏهن ته ڪپتان اينجلو ميٿيوز پنهنجي سينچري پڻ مڪمل ڪئي، جڏهن ته ڌميڪا پرساد 0، ٿرندو ڪشال8، اينجلو ميٿيوز 122، سورنگا لڪمل 0 تي آئوٽ ٿيو. پاڪستان طرفان عمران خان 5، راحت عليءَ 3، ياسر شاهه2 ۽ احسان عادل هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته سريلنڪا پنهنجي پهرين اننگ ۾ 278 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان جي سموري ٽيم 215 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *