سريلنڪا جو صدر ميٿري پالاسري سينا اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد(بيورو) سريلنڪا جو صدر پالا سري سينا ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. کيس دوري جي دعوت صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف ڏني هئي. نور خان ايئر بيس تي وزيراعظم محمد نواز شريف سريلنڪا جي صدر ۽ سندس گڏ آيل وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به ساڻس گڏ هئا. سري لنڪا جي صدر جي آمد تي کيس 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، ان کان اڳ سريلنڪا جي صدر ڪمرشل اڏام ذريعي ڪراچي پهتو جتي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سندس استقبال ڪيو. اتي مختصر قيام کانپوءِ صدر پنهنجي وفد سان گڏ پي آءِ اي جي خصوصي اڏام ذريعي اسلام آباد روانو ٿيو. نئين چونڊيل صدر جو پاڪستان جو پهريون دورو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *