سريلنڪا بنگلاديش کي ٻي ٽيسٽ ۾ هارائي سيريز کٽي ورتي

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا بنگلاديش کي ٻي ٽيسٽ ۾ آئوٽ ڪلاس شڪست ڏئي ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ڍاڪا ٽيسٽ جي آخري ڏهاڙي تي بنگلاديش جي سڄي ٽيم 169 رنسن تي آئوٽ ٿي سريلنڪا کي 29 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن ۾ بنگلاديشي جا شڪيب الحسن 58، لٽن داس 52، مشفيق الرحيم 23 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ ٽيم جا 4 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا. هوڏانهن سريلنڪا نقصان بنا 3 اوورن ۾ هدف ماڻي 10 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، بيٽرن مان اوشادا فرنينڊو 21 ۽ ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني 7 رنسون ٺاهيون. پهرين اننگز ۾ بنگلاديش 365 ۽ ٻي اننگز ۾ 169 رنسون ٺاهي سگهيو. جڏهن تھ سريلنڪا جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 506 رنسون ۽ ٻي اننگز ۾ 29 اسڪور ٺاهي فتح ماڻي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *