سريلنڪا آخري ون ڊي ۾ ويسٽ انڊيز کي 19 رنسن تان هارائي سيريز ۾ ڌوئي ڇڏيو

پالي ڪيلي:سريلنڪا ٽئين ۽ آخري ون ڊي انٽرنيشنل ۾ ويسٽ انڊيز کي 19 رنسن تان مات ڏئي سيريز ڪلين سوئيپ ڪري ورتي، خراب موسم سبب ميچ جو فيصلو ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ هيٺ ٿيو، ويسٽ انڊيز جي مارلن سيموئلز ي ناقابل شڪست سينچري اسڪور ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته سريلنڪا جي ڪوسال پريرا کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، پالي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ون ڊي انٽرنيشنل ۾ سريلنڪا جي ڪپتان ايجلو ميٿوز ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ، برسات سبب ميچ دير سان شروع ٿي ۽ ان کي 36 اوورن تائين محدود ڪيو ويو، ويسٽ انڊيز مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ مارلن سيموئلز جون 109 رنسون شامل آهن، لاسٿ ملنگا، سرنگا لڪمل، دشمانٿا چميرا ۽ جنٿا مينڊس ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ سريلنڪا 32.3 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون ته ٻيهر برسات شروع ٿي وئي، جنهن ڪري ميچ روڪي وئي، جيڪا ٻيهر شروع نه ٿي سگهي ۽ سريلنڪا ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 19 رنسن تان ڪامياب ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *