سريلنڪا، پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ 16 رڪني ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز)سريلنڪا، پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن واري سيريز لاءِ 16 رانديگرن تي ٻڌل ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو، اينجلو ميٿيوز ڪپتان رهندو جڏهن ته جيهان مبارڪ جي 8 سالن کان پوءِ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي ۽ ٽي نوان رانديگر به کنيا ويا آهن،پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ 17 جون کان گال اسٽيڊيم ۾ شروع ٿي رهي آهي.سري لنڪا جي ٽيم ۾ لهيرو ٿريماني نائب ڪپتان هوندو.اسپنر ٿرينڊو ڪوشيل ۽ فاسٽ بالر دوشمنٿا چميرا کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ٻين رانديگرن ۾ ڪوشل سلا، دميٿ ڪورنارتني، ڪمار سنگا ڪارا،دنيش چندي مل، ڪيٿروان وٿانگي،رنگنا هيراٿ، دلروان پريرا، نوان پرديپ ۽ ڌميڪا پرساد شامل آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *