
راجڪوٽ(اسپورٽس نيوز) گجرات لائينز جو ڪپتان ۽ ڀارتي بيٽسمين سريش رائنا ٽي-20 ڪيريئر جون 6 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون، هو اهو اعزاز ماڻيندڙ ڀارت جو پهريون ۽ دنيا جو پنجون بيٽسمين بڻجي ويو. رائنا هلندڙ انڊين پريميئر ليگ ۾ سن رائزرز حيدرآباد خلاف ميچ ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو، گيل 8840 رنسن سان پهرين، هوج 6998 رنسن سان ٻئين، ميڪ ڪولم 6384 رنسن سان ٽئين ۽ ڊيوڊ وارنر چوٿين نمبر تي موجود آهي. گذريل ڏينهن حيدرآباد خلاف ميچ لاءِ رائنا جڏهن ميدان ۾ لٿو ته کيس 6 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 2 رنسن جي ضرورت هئي. هن اننگز جون شروعاتي 2 رنسون ٺاهي 6 هزار رنسون مڪمل ڪيون. رائنا 231 ميچون کيڏي اهو اعزازحاصل ڪيو. هن 3 سينچريون ٺاهي ورتيون آهن.