سرفراز کانپوءِ اهڙو ڪو به رانديگر ناهي جيڪو ڪپتان بڻجي سگهي: وسيم اڪرم

 

ملتان(اسپورٽس نيوز)اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جو چوڻ آهي ته سرفراز احمد سٺي ڪپتاني ڪري رهيو آهي ۽ ان کانسواءِ ڪو به رانديگر ناهي جنهن کي ڪپتان بڻايو وڃي.ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته نوجوانن کي ڪرڪيٽ ڏانهن آڻڻ لاءِ ايونٽ شروع ٿي رهيو آهي، ان ۾ يونيورسٽين ۽ مدرسن جا ٻار پڻ حصو وٺندا، ايونٽ جو مقصد برداشت آهي، ڪاميابي ۽ ناڪامي راند جو حصو آهي، پر ناڪامي تي برداشت ڪرڻ سکڻو آهي.سرفراز احمد کي ڪپتاني تان هٽائڻ واري سوال تي وسيم اڪرم چيو ته ڏکڻ آفريڪا جو دورو رڳو پاڪستان ئي نه پر هر ٽيم لاءِ ڏکيو هوندو آهي. سرفراز تمام سٺي ڪپتاني ڪري رهيو آهي، مون کي ان رانديگر جو نالو  ٻڌايو وڃي جنهن کي ڪپتان سرفراز جي جاءِ تي ڪپتان بڻايو پيو وڃي، سرفراز کانپوءِ اهڙو ڪو به رانديگر ناهي جيڪو ڪپتان بڻجي سگهي، سرفراز کانپوءِ عمران خان يا جاويد ميانداد ناهن ويٺا جو کين ڪپتان بڻايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *