سرفراز جي حمايت ڪيان ٿو، ڪجهه ڏينهن ۾ سڀ ٻڌائي ڇڏيندس: محمد حفيظ

لاهور (اسپورٽس نيوز) ملڪي ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين محمد حفيظ چيو آهي ته ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو مان به ذميوار آهيان پر هاڻ گڏجي ٽيم کي بلندين تائين پهچائينداسين. هن چيو ته مان سرفراز احمد کي ڪپتان مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪيان ٿو، خراب ڪارڪردگي جو ذميوار رڳو هڪ رانديگر کي نٿو چئي سگهجي. صحافين سان ڳالهائيندي محمد حفيظ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ميگا ايونٽ ۾ منهنجي ڪارڪردگي به خراب رهي پر ڪنهن هڪ رانديگر کي ذميوار نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته مان سدائين سچ ڳالهائيندو آهيان، ڪجهه ڏينهن ۾ سڀ ٻڌائي ڇڏيندس. هن چيو ته اسان ٽيم کي گڏجي بلندين تائين پهچائينداسين. سرفراز احمد کي ڪپتان مقرر ڪرڻ جي حمايت ٿو ڪيان ۽ کيس ٽيم جي اڳواڻي ملڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو. محمد حفيظ چيو ته مان ڪجهه ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه سچ ٻڌائي ڇڏيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *