سرفراز احمد ڪپتاني جو اهل ناهي: معين خان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان چيو آهي ته جيڪڏهن ڪپتان سرفراز احمد کي ٽيم ۾ ڌڙابندي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

جو علم هو پر پوءِ به هو ان کي ختم نه ڪرائي سگهيو ته ان جو مطلب آهي هو ڪپتاني جو اهل ناهي.ڪراچي ۾ هڪ تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي معين خان چيو ته سرفراز احمد کي اڳ ڪڏهن به اهڙا بيان ڏيندي ناهي ڏٺو پر جيڪڏهن هن ٽيم ۾ گروپ بندي جي حوالي سان ڪجهه چيو آهي ته اهو غلط آهي، ڇو ته اڃا ميگا ايونٽ ختم ناهي ٿيو.هن چيو ته پاڪستاني ٽيم جڏهن ڏکيائين ۾ ايندي آهي ته سٺو پرفارم ڪندي آهي، اڃا ٽيم جون سيمي فائنل ۾ پهچڻ جون اميدون ختم ناهن ٿيون. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي پنهنجون سموريون ميچون کٽڻيون پونديون پر جڏهن ٽيم دليري سان کيڏندي ته غيبي مدد به ملي ويندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *