سرفراز احمد پاران مبينا نسل پرستي وارا جملا، پابندي جو خدشو

 

ڪيپ  ٽائون(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ڏکڻ آفريڪا خلاف پنجن ونڊي ميچن جي سيريز جي ٻئين ميچ ۾ شڪست کي سامهون ڏسي آپي کان ٻاهر ٿي ويو.سوشل ميڊيا تي ميچ جي حوالي سان هڪ وڊيو گردش ڪري رهي اهي جنهن ۾ مبينا طور تي سرفراز احمد ڏکڻ آفريڪا جي ڪاري نسل جي رانديگر اينڊائل فيلڪوايو جي حوالي سان چڙ ڏياريندڙ جملا ادا ڪري  رهيو آهي.ٻئين ون ڊي ميچ دوران سرفراز احمد سخت مايوسي جو شڪار نظر آيو، سرفراز جي ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر جي باري ۾ مبينا طور تي نسلي تعصب تي ٻڌل جملي سوشل ميڊيا تي تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪرڪيٽ شوقينن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.سوشل ميڊيا تي سرفراز احمد جو مبينا طور تي چڙ ڏياريندڙ جملو بحث جو موضوع بڻيل آهي ۽ شوقين ڪرڪيٽ سان گڏوگڏ انفرادي طور تي ڪارڪردگي تي به سوال اٿاري رهيا آهن.سرفراز احمد جي مبينا نسل پرست جملا سندس لاءِ ڏکيائين جو سبب بڻجي سگهن ٿا ڇو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ان حوالي سان سخت موقف رکي ٿو، سرفراز نسل پرستي جو ڏوهي قرار ڏنو ويو ته کيس سزا ٿي سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *