سرحدي جارحيت سميت ملڪ ۾ دهشتگرديءَ ۾ ڀارت ملوث آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(بيورو) آرمي چيف جنرل راهيل شريف وڪنگ بائونڊري تي رينجرز هيڊ ڪوارٽر جو دورو  ۽ سي ايم ايڇ سيالڪوٽ ۾ ڀارتي فائرنگ سبب  زخمي ٿيل شهرين جي عيادت ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف سيالڪوٽ ورڪنگ بائونڊري ۽ رينجرز هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو ، جتي کيس ورڪنگ بائونڊري تي تازي صورتحال بابت ڄاڻ ڏني وئي.ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته ڀارت پاران سرحدي ڀڃڪڙين  ۽ پاڪستاني شهرن ۾ دهشتگردي بابت اسانکي سموري ڄاڻ آهي ته ڪير ملوث آهي.دهشتگردن جي سهڪار ۽ ورڪنگ بائونڊري تي فائرنگ سان ڀارت جو وڏو تعلق آهي.سندس چوڻ هو ته ڀارت لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري جي کلي عام ڀڃڪڙي ڪندي عالمي قانون ۽ روايتن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.آرمي چيف جنرل راحيل شريف سي ايم ايڇ سيالڪوٽ جو دورو ڪيو ۽ سيالڪوٽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فوجين پاران چڙ ڏياريندڙ  گولا باري جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ شهرين جي عيادت ڪئي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف زخمين کي بهتر  طبعي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *