سرتاج عزيز ڀارتي عملدارن سان ملاقات ۾ ڪراچي، بلوچستان ۽ قبائلي علائقن ۾ ڀارت مداخلت تي تحفظات کان آگاهه ڪندو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سرتاج عزيز ڀارتي عملدارن سان ملاقات ۾ ڪراچي، بلوچستان ۽ قبائلي علائقن ۾ ڀارت جي مداخلت تي پنهنجي تحفظات کان آگاهه ڪندو، ذريعن مطابق ڀارت پاڪستان کي دهشتگردن سبب پيش ايندڙ خطرن سبب 23 آگسٽ تي قومي سلامتي جي صلاحڪارن جي ملاقات جي آڇ ڪئي آهي، هڪ پاڪستاني سفارتڪار اڳڀرائي جي تصديق ڪئي، ڀارت جي گهرو وزير راج ناٿ سنگهه پارليامينٽ کي پنهنجي خطاب ۾ مناسب جواب جي ڌمڪي ڏني آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق ڀارت هن ملاقات دوران گورداس پور جو معاملو پاڪستان سان اٿارڻ جو ارادو رکي ٿو، ان کانسواءِ ممبئي حملن جي منصوبو ڪندڙن جو ٽرائيل ۽ ذڪي رحمان لکنوي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ رٿابندي ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *