سراج دراني سياسي قيدي نه پر چور رهيو آهي: شهريار مهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهر يار مهر چيو آهي ته سراج دراني سياسي قيدي نه پر چور رهيو آهي ۽ ان  وٽ بدمعاشي لاءِ اسيمبلي کانسواءِ ٻي ڪابه جگهه نه بچي آهي، امتياز شيخ چيو ته شهريار مهر جي ايوان ۾ آمد تي پابندي لڳائي وئي ته سخت مزاحمت ڪنداسين. سنڌ اسيمبلي آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي شهر يار مهر چيو ت ه آغا سراج دراني پ پ لاڙڪاڻي ڊويزن جو صدر آهي ۽ اهو اڻڌريو نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته سنڌ ۾ جمهوريت جي آڙ ۾ آمريت هلي رهي آهي، پ پ قانون جي لتاڙ کانسواءِ سنڌ کي ڪجهه ناهي ڏنو آهي. هن چيو ته سراج دراني ڪرپشن ڪري جيل ويو، هو سياسي قيدي نه پر چور رهيو آهي ۽ ان وٽ بدمعاشي لاءِ اسيمبلي کانسواءِ ٻي ڪابه جگهه نه بچي آهي. هن چيو ته پ پ وارا ڄاڻي واڻي اهڙيون حرڪتون ڪري رهيا آهن ته ٻيو ڪو اچي حڪومت تي قبضو ڪري. شهر يار مهر چيو ته ايپڪس ڪميٽي کي آغا سراج دراني جي حرڪتن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. شهر يار مهر چيو ته هو سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائن ٿا، ڀلي ڪيتريون به رٿون آنديون وڃن پر ڳالهائيندا رهندا. شهر يار مهر چيو ته اسان ته رڳو ايوان ۾ احتجاج ڪيو آهي، ماضي ۾ ڊپٽي اسپيڪر کي وارن مان جهلي گهليو ويو، پ پ ميمبرن ڪاپيون ساڙيون ۽ ڊيسڪ تي چڙهي ڊانسون ڪيون. فنڪشنل ليگ جي امتياز شيخ چيو ته پ پ کان نه حڪومت نه پئي هلي. هن چيو ته شهر يار مهر جي اسيمبلي اچڻ تي پابندي لڳائي وئي ته ان جي سخت مزاحمت ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *