سراج الحق ٽن ڏينهن واري اجتماع ۾ پنهنجي عوامي ايجنڊا جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (م.ڊ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ ٽن ڏينهن واري اجتماع ۾ پنهنجي عوامي ايجنڊا جو اعلان ڪندي سودي نظام خلاف اعلان جنگ، انگريزن کي ڏنل جاگير واپس وٺڻ ۽ ايندڙ چونڊون متناسب نمائندگي جي بياد تي ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. مينار پاڪستان جي سائي ۾ جماعت اسلامي جي ٽن ڏينهن واري سڀاڻي پاڪستان اجتماع عام افتتاحي خطاب ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي عام ماڻهو کي وي آءِ پي ۽ وي آءِ پيز کي عام ماڻهو بڻائيندي. هن امير جماعت اسلامي ۽ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وزير جي حيثيت سان پنهجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻا وزيراعظم به پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *