سراج الحق جي چوڌري شجاعت سان ملاقات، سياسي صورتحال تي صلاح مشورا

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سراج الحق مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي صورتحال ۽ بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا مسلم ليگ (ق) هڪ ئي وقت حڪومتي اتحادين ۽ اپوزيشن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي. سراج الحق، چوڌري شجاعت حسين جي رهائشگاهه پهتو جتي سالڪ حسين ۽ شافع حسين وفد جي آجيان ڪئي سراج الحق ۽ وفد چوڌري شجاعت جي خيريت معلوم ڪئي وفد ۾ اڳوڻو ايم اين اي لياقت بلوچ، ڊاڪٽر فريد پراچا، اميرالعظيم ۽ قيصر شريف به شامل هئا ملاقات ۾ ڪشمير جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ان موقعي تي چوڌري شجاعت حسين چيو ته سياست ٿيندي رهندي آهي غريبن جو خيال ڪريو مهانگائي حد کان وڌي وئي آهي هاڻي عوام کي وڌيڪ نه آزمايو، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ سموريون پارٽيون پنهنجي ذاتي ۽ سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي هڪ جامع پلان جوڙين سراج الحق چيو ته اسان عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ 101 ڌرڻن جو پروگرام شروع ڪيو آهي. پهريون ڀيرو ايئن ٿي رهيو آهي جو صوبائي حڪومت وفاق جي خلاف ۽ وفاقي حڪومت صوبي جي خلاف مارچ ڪري رهي آهي ڏسون ٿا ته ڪهڙو مارچ ڪنهن جي خلاف ڪامياب ٿئي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *