سخت زلزلي سبب ملڪ ۾ 25 هزار کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو: اين ڊي ايم اي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ واري اداري اين ڊي ايم اي چيو آهي ته سخت زلزلي جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ 25 هزار کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پڳو آهي اين ڊي ايم اي جي تازن انگن اکرن مطابق ڪل 25367 گهر مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ٿيا آل 7.5 شدت جي زلزلي ۾ فوتين جو جملي انگ 272 آهي 2152 ماڻهو زخمي ٿيا زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ 15692 گهر ۽ 155 اسڪولن کي نقصان پڳو صوبي ۾ جانينقصان جو ڪل انگ 255 آهي خيبرپتونخواهه صوبي ۾ 1802 ماڻهو زخمي ٿيا اين ڊي ايم اي مطابق خيبرپختونخواهه ۾ وڌيڪ گهر سوات ۾ تباهه ٿيا جن جو انگ 3681 آهي سڀ کان وڌيڪ ضلعي شانگلا ۾ جاني نقصان ٿيو جتي 50 ماڻهو فوت ٿيا چترال مان 32 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته اتان جي مقامي انتظاميه چيو ته فوتين جو انگ 37 آهي ۽ ڪيترائي ئي ڪچا ڳوٺ مڪمل طور تي ڊهي ويا آهن قبائلي علائقي فاٽا ۾ به تباهي ٿي آهي جتي فوتين جو انگ 30 ٿي ويو سڀ کان وڌيڪ باجوڙ ايجنسي متاثر ٿي جتي 23 ماڻهو فوت ٿيا ۽ 8120 گهر تباهه ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *