سجاول ضلعي ۾ پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ ھاڃيڪار قرار، رپورٽ جاري

سجاول(رپورٽر) سجاول ضلعي ۾ پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ ھاڃيڪار قرار، رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي، سمورن تلائن ۽ نلڪن جي پاڻي جي چڪاس جو فيصلو، ان ڏس ۾ واٽر ڪميشن سجاول جو دورو ڪري مختلف ھنڌن تي پيئڻ جو پاڻي چڪاسيو ھو، جنهن بابت رپورٽ چيف سيڪريٽري کي پيش ڪئي وئي آھي. رپورٽ موجب عوام کي فراھم ٿيندڙ پاڻي صحت لاءِ ھاڃيڪار ۽ پيئڻ جي معيار موجب ناھي، اھڙي رپورٽ بعد چيف سيڪريٽري ڪمشنر حيدرآباد کي خط لکيو آهي، جنهن وري ڊي سي سجاول کي خط لکيو آھي. ڊي سي سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز، ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ، ايڪزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس، ڊي ايچ او سجاول ۽ انچارج مرف کي خط لکي ھدايت ڪئي آھي ته پيئڻ جي پاڻي توڙي زميني نلڪن جي پاڻي جي ليبارٽري مان لازمي چڪاس ڪرايو ۽ ضلعي جي سمورن اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ آر او پلانٽ لڳرايو، جتي آر او پلانٽ لڳل آھن ته فعال بڻايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *