ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ۽ ڊائريڪٽر ستيش ڪوشڪ چيو آهي ته هو 2013ع جي هٽ فلم “تيري نام”جو سيڪوئل ٺاهيندو، پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪوشڪ چيو ته جيڪڏهن تيري نام ٽو ٺهي ته هو پهريون ماڻهو هوندو، جيڪو ان ۾ ٽپو لڳائيندو، هن چيو ته سماجي رابطن جي ويب سائٽن تي ڪيترائي ماڻهو مون کان ان فلم جو سيڪوئل ٺاهڻ جو مطالبو ڪن ٿا، ستيش ڪوشڪ چيو ته هاڻ سلمان خان سپر اسٽار کان به اڳتي نڪري ويو آهي، ان ڪري مون کي خبر ناهي ته هو ان سيڪوئل جو حصو بڻجڻ چاهيندو يا نه؟