ساٿي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي ذوالفقار مرزا جي پوليس اسٽيشن تي چڙهائي، ڀڃ ڊاهه ، 20 ڄڻن تي ڪيس داخل

بدين(د ر)  ساٿي جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا ساٿين سان گڏ ماڊل پوليس اسٽيشن تي حملو۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي.خبر مطابق ذوالفقار مرزا پنهنجي هڪ ساٿي نديم مغل تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پنهنجي ساٿين سان گڏ پوليس اسٽيشن بدين پهتو ۽ اتي ٿاڻي تي موجود پوليس آفيسرن سان بدتميزي ڪندي ٽيبل جو شيشو ڀڃي ڇڏيو ۽ پوليس آفيسر جو موبائيل هن جي هٿ مان ڦري زمين تي اڇلي ڇڏيو، ذوالفقار مرزا پنهنجي دوست خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تي بدين شهر جا دڪان پڻ بند ڪرائي تالا هڻائي ڇڏيا، ذولفقار مرزا ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجي دوستن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندس ۽ انهن جي خلاف انتقامي ڪارروائي برداشت نه ڪئي ويندي، منهنجي دوستن جو ڏوهه رڳو اهو هو ته اهي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏئي رهيا هئا هن وڌيڪ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ ڪوڙا کاڌا، جيلون ڪٽيون ۽ بينظير ڀٽو کي پنهنجي ڀيڻ ۽ ماءُ سمجهي ان جو ساٿ ڏنو. اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس 20 ساٿين خلاف ماڊل پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪيس ۾ مقامي واپارين جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ اقتدام قتل ۽ نجي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جا قلم لڳايا ويا آهن. پوليس موجب ذوالفقار مرزا خلاف ڊي ايس کي پي حراسان ڪرڻ سميت 3 مختلف ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *