ساهيول دهشتگردي، 16 نامعلوم سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل، مقتولن جي علائقي ۾ سوڳ برقرار

ساهيوال/لاهور ( ويب ڊيسڪ)ساهيوال سانحي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ چئن ماڻهن جي مارجڻ تي 16 نامعلوم سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس انتظاميه ۽ وارثن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد مقتول خليل جو ڀاءُ جليل پوليس ٽيم سان گڏ يوسف والا ٿاڻي تي پهتو. وارثن جو چوڻ هو ته 16 نامعلوم سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ڪيس دهشتگردي ۽ قتل جي شقن تحت داخل ڪيو وڃي. پوليس وارثن جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي ۽ قتل جون شقون شامل ڪيون ويون آهن. ٻئي طر ساهيوال ۾ سي ٽي ڊي جي مبينا مقابلي خلاف مارجي ويلن جي وارثن طرفان مظاهرو ڪري لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو. ساهيوال واقعي خلاف مارجي ويلن جي وارثن ۽ عام شهرين جي احتجاج جو سلسلو جاري آهي. ساهيوال ۾ وارثن جي ٽي ڊي روڊ تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو ۽ ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وارثن حڪومت خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته جيستائين سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل نه ٿو ڪيو وڃي احتجاج جاري رهندو. مظاهري دوران ڊي پي او ۽ ڊي سي ساهيوال ۾ ڳالهيون ڪيون. سي ٽي ڊي اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. مارجي ويلن جي لاشن کي چئن ايمبولينسن ۾ لاهور منتقل ڪيو ويو.  هوڏانهن لاهور ۾ به مظاهرين چونگي امر سنڌو واري هنڌ فيروز پور روڊ کي ٻنهي پاسن کان بند ڪري ڇڏيو  جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي ۽ جڏهن ته ميٽرو بس سروس به بند ٿي وئي.  مقتول خليل جي ڀاءُ جليل چيو ته انصاف ملڻ تائين لاشن جي تدفين نه ٿيندي، اسان جو ڪيس لاڳاپيل ٿاڻي ۾ داخل ڪرڻ بدران لاهور ۾ داخل ڪرائڻ جو چيو ويو آهي جڏهن ته پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران فوتين تي ڪيس داخل ڪيو آهي.هوڏانهن  ساهيوال ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي جي نئين ويڊيو منظرعام تي اچي وئي آهي جنهن ۾ اهلڪارن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا جي رپورٽن موجب دهشتگرد ٽوڙ اداري جي ساهيوال ۾ ڪيل ڪارروائي جي نئين ويڊيو ملي وئي آهي جيڪا مبينا پوليس مقابلي وقت روڊ تي پٺيان بيٺل هڪ گاڏي ۾ ويٺل شهري موبائيل تي رڪارڊ ڪئي آهي. موبائيل ذريعي ٺاهيل هن ويڊيو ۾ واضح طور ڏسي سگهجي ٿو ته سي ٽي ڊي اهلڪارن گاڏي کي ٽڪر هڻي روڪيو ۽ پهريان گاڏي ۾ ٻارن کي لاٿو جنهن بعد اهلڪارن سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني جڏهن ته گاڏي ۾ ذيشان ۽ مهر خليل طرفان جوابي فائرنگ نه ڪئي وئي. ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اهلڪارن گاڏي مان ڪو به سامان نه ڪڍيو  ۽ نه ئي سي ٽي ڊي ٽيم تي ڪنهن موٽر سائيڪل سوار طرفان فائرنگ ڪئي وئي جڏهن ته فائرنگ وقت سي ٽي ڊي اهلڪارن پهريان ٽنهي ٻارن کي گاڏي مان لاهي سرڪاري گاڏي ۾ منتقل ڪيو ۽ پوءِ کين پاڻ گڏ کڻي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *