ساهيوال واقعو: سينيٽ ۾ مخالف ڌر قائم جي آءِ ٽي کي رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر ساهيوال واقعي جي حوالي سان قائم جي آءِ ٽي کي رد ڪندي چيو آهي ته واقعي جي حوالي سان شڪي حالتن تان پردو کڄڻ گهرجي، جي آءِ ٽي ۽ 2-2 ايف آءِ آرز جي ذريعي معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، سڌارن وارو عمل سٺي ڳالهه آهي ان کان اڳ معاملي کي ڏسڻ ضروري آهي، سومر تي سينيٽ اجلاس ۾ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي حڪومت ۽ مخالف ڌر جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ساهيوال سانحي تي ميمبرن کي خيالن جي اجازت ڏني، اجلاس ۾ سينيٽر جاويد عباسي چيو ته هو ساهيوال ۾ ٿيل سانحي تي التوا واري رٿ پيش ڪرڻ چاهي ٿو، اها بنا دير بحث هيٺ آندي وڃي، قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چيو ته ان واقعي تي جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڳالهيو وڃي، پارلياماني ليڊرز جي اجلاس ۾ ان حوالي سان فيصلو ٿي چڪو آهي، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر راجا ظفر الحق چيو ته سڄو ايوان هن وقعي تي خيالن جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو، اڄ ئي ان معاملي تي ڳالهايو وڃي، ڇو ته هي معاملو ترت بحث ڪرڻ جوڳو آهي، سينيٽر شبلي فراز اسرار ڪيو ته هائوس بزنس ايڊوائزري ٿيل اجلاس ۾ ٿيل فيصلي جي رکوالي ڪئي وڃي، جيڪڏهن هائوس بزنس ايڊوائزري ۾ ٿيندڙ فيصلن کي ناهي مڃڻو ته پوءِ ان جو اجلاس ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته سڄي ايوان هڪ راءِ ڏئي رهيو آهي ان جو احترام ڪرڻ گهرجي، سينيٽر شيري رحمان چيو ته هائوس بزنس ايڊوائزري ۾ اهو طئه ٿيو هو ته اڄ ئي ان معاملي تي بحٿ ٿيندو، سينيٽ چيئرمين چيو ته مهملي رٿ بدران عوام جي اهميت جي معاملي تي هن تي سمورا ميمبر خيالن جو اظهار ڪري سگهن، عوامي معاملي تي بحث ۾ حصو وٺندي شيري رحمان چيو ته سڄي قوم ڏسي رهي آهي ته حقيقتون ڇا آهن، ڇو ته ڪيمرا جي اک سڀ ڪجهه ڏيکاري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ساهيوال ۾ وڏو ظلم ڪيو ويو، پوليس پاران چيو ويو ته ڪار جا شيشا ڪارا هئا جيتوڻڪ وڊيوز مان صاف ظاهر آهي ته شيشا ڪارا نه هئا، ان واقعي تي ايڪشن نه ورتو ويو ته سڄي قوم پڇاڻو ڪندي ته اسان هتي ڇو ويٺا آهيون، هن چيو ته ڏينهن ڏٺي ٿيل قتل تي جي آءِ ٽي ناهي ٺهندي، پنجاب حڪومت چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد آهن پر انهن سان سڄو خاندان ساڻ هو، جيڪڏهن واقعو پلان موجب هو ته انڌا ڌنڌ فائرنگ جي ڪهڙي ضرورت هئي، کين جيئري ئي گرفتار ڪري سگهجي پيو، هن چيو ته وزيراعظم ان بابت هڪ ٽوئيٽ به ڪئي آهي ۽ اسان جي ٽوئيٽ سان اتفاق ڪريون ٿا پر هو پنهنجو موقف بار بار تبديل نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته سڌارن جي ڳالهه سٺي آهي پر ان کان اڳ هن معاملي کي ڏسڻ بهتر ڳالهه آهي. راجا ظفر الحق چيو ته ساهيوال ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو ٿيو، ان معاملي تي ايوان ۾ بحث سٺي ڳالهه آهي ڇو ته هي هڪ انسان نه پر ڪيترين ئي انساني حياتين جو مسئلو آهي، هن چيو ته پوليس جو موقف غلط آهي، فائرنگ ڪندڙ پوليس جي وردي ۾ نه هئا ۽ مقتولن سمجهيو ته شايد اهي ڦورو آهن، ان لاءِ انهن چيو ته پيسا وٺو پر اسان کي گوليون نه هڻو، واقعي جي حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي هن چيو ته هر معاملي ۾جي آءِ ٽي جو رواج ٿي ويو آهي، اسان ان معاملي تي جي آءِ ٽي کي رد ڪريون ٿا، ڇو ته جي آءِ ٽي سان اڳ ئي پنجاب حڪومت ۽ انتظاميا جو موقف پريس ڪانفرنس ذريعي اچي رهيو آهي، هن چيو ته هن واقعي جا جيڪي به ذميوار آهن انهن کي سزا ڏني وڃي، واقعي تي 2 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن، جيتوڻڪ سپريم ڪورٽ جي رولنگ آهي ته هڪ واقعي تي 2 ايف آءِ آر داخل نٿيون ٿي سگهن، مقتولن جي وارثن جي ايف آءِ آر ۾ اڻڄاتل ماڻهن کي ملوث ڪيو آهي، اسان سمجهون ته ها ان واقعي ۾ جيڪي ملوث آهن انهن کي بچڻ نه گهرجي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ساهيوال واقعي تي وزيراعظم سڄي رات نه ستو آهي، عوام ۾ هن واقعي تي ڏک ۽ ڪاوڙ جائز آهي، وزيراعظم هن واقعي کان باخبر آهي ۽ هن يقين ڏياريو آهي ته ذميوارين کي مثالي سزا ڏني ويندي، هن چيو ته اهو به ڏسڻ گهرجي ته پنجاب کي گذريل 30 سالن ۾ هن هال تي ڪنهن پهچايو آهي، پوليس ۽ ادارن جي ڍانچي ۾ بهتري لاءِ ڇا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪي پي ڪي ۾ هن پنهنجي 20 اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪارروائي ڪئي، هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير اعلان ڪيو آهي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ اڱاري تي شام 5 وڳي تائين اچي ويندي، سينيٽر سراج الحق چيو ته ساهيوال واقعو سياسي نه پر انساني مسئلو آهي، ساهيوال ۾ بي رحمي سان مارجي ويل رات جي اونداهي ۾ ماريا وڃن ها ته سچ ڪڏهن به ظاهر نه ٿئي ها، هن چيو ته جيڪو ڪجهه ساهيوال ۾ ٿيو ائين ته جهنگ ۾ ناهي ٿيندو، رياست جو مثال ماءُ وانگر هوندو آهي پر هي ڪهڙي رياست آهي جتي هي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، پنجاب حڪومت پنهنجو موقف لاڳيتو تبديل ڪري رهي آهي، ذميوارن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *