ساهيوال واقعو: اپوزيشن جي هر ڳالهه قبول، ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ساهيوال سانحي جي جاچ بابت جي آءِ ٽي جي سمري رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم کي نه رڳو جي آءِ ٽي رپورٽ پيش ڪئي وئي پر کيس رپورٽ جي روشني ۾ پنجاب حڪومت جي قدمن بابت به آگاهه ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ سي ٽي ڊي آفيسرن کي قتل جو ذميوار قرار ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته ساهيوال سانحي ۾ مقتول زال مڙس ۽ سندن ڌيءُ بي ڏوهه ثابت ٿيا آهن. رپورٽ موجب سي ٽي ڊي سربراهه سميت 3 آفيسرن کي تبديل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻه آفيسر معطل ڪيا ويا ۽ واقعي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلايا ويندا. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان پنجاب پوليس ۾ سڌارن ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ به سفارشون طلب ڪيون آهن. وزيراعظم کي پيش ڪيل جي آءِ ٽي سمري رپورٽ 13 نڪتن تي ٻڌل آهي، جنهن موجب پنجاب حڪومت مڪمل انڪوائري رپورٽ 30 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مقتولن جي وارثن لاءِ ٻه ڪروڙ رپيا امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خليل جي ٻارن کي مفت تعليم ۽ صحت جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، ان کانسواءِ ڊرائيور ذيشان خلاف وڌيڪ جاچ جاري رهندي. سمري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ساهيوال واقعي تي سيد اعجاز حسين جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وئي، جنهن کي 72 ڪلاڪن ۾ رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي، دانهن ڪندڙ جي درخواست تي سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف يوسف والا ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر ڪاٽي وئي. سمري رپورٽ موجب جي آءِ ٽي جي شروعاتي رپورٽ تي قانون لاڳو ڪندڙ آفيسرن جي لا اينڊ آرڊر تي ميٽنگ گهرائي وئي، جنهن تحت ڪيترائي قدم کنيا ويا. سمري رپورٽ موجب سي ٽي ڊي جي 5 آفيسرن کي ڏوهاري قرار ڏئي گرفتار ڪيو ويو، کانئن سيون اي ٽي اي تحت جاچ ڪئي پئي وڃي، اي آءِ جي سي ٽي ڊي کي هٽائي او ايس ڊي بڻايو ويو آهي، اي آءِ جي آپريشنز اظهر حميد جون خدمتون اسٽيبلشمينٽ ڊويزن حوالي ڪيون ويون آهن، اي آءِ جي آپريشنز خلاف قدم واقعي بابت آگاهه نه ڪرڻ ۽ ايڪشن نه وٺڻ تي کنيو ويو، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي بابر الپا کي هٽائي خدمتون اسٽيبلشمينٽ ڊويزن حوالي ڪيون ويون، ايس ايس پي آپريشنز سي ٽي ڊي کي او ايس ڊي بڻايو ويو، جڏهن ته آر او سي ٽي ڊي ساهيوال کي معطل ڪري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان چيو آهي اپوزيشن جي مطالبي تي ساهيوال سانحي تي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ لاءِ تيار آهيون. قومي اسيمبلي اجلاس کان اڳ وزيراعظم جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ موجود پي ٽي آءِ ميمبرن ساهيوال ۾ پيش آيل افسوس ناڪ واقعي تي پنجاب حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي. پارٽي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت ساهيوال واقعي کي مس هينڊل ڪيو، پنجاب حڪومت طرفان واقعي تي گهڙي گهڙي موقف تبديل ڪرڻ سان حڪومت تي ٺٺول ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته مان پاڻ ساهيوال واقعي جي جاچ جي نگراني ڪري رهيو آهيان، اپوزيشن جي مطالبي تي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن به ٺاهڻ لاءِ تيار آهيان، اپوزيشن چاهي ته نئين جي آءِ ٽي به جوڙي سگهجي ٿي، اپوزيشن ٻڌائي ته جاچ ۾ ڪهڙن آفيسرن کي شامل ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته ساهيوال واقعي جي ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو، شفاف جاچ ڪرائي سڀ ڪجهه عوام سامهون رکنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *