ساهيوال سانحي ۾ مارجي ويل ڊرائيور جي وارثن کي ڌمڪيون ڏئي تدفين ڪرائي وئي: راجا پرويز اشرف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ساهيوال سانحي ۾ مارجي ويل ڊرائيور جي وارثن کي ڌمڪيون ڏئي لاشن کي دفنايا ويا. ڪو به معاملو سرد خاني ۾ رکڻ جو هجي ته جي آءِ ٽي ٺاهي ويندي آهي، ڪريل حڪومت به هجي ها ته حقيقت سامهون اچي ها.ساهيوال سانحي جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ جاري بحث ۾ حصو وٺندي اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته جنهن اداري کي دهشتگردي کان پچائڻو آهي ان ئي بي گناهن کي گوليون هڻي ماريو آهي، هر ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو، حڪومتي وزيرن جا ساهيوال واقعي تي بيان اعتراض جوڳا هيا. سڀاڻي ڪنهن کي به ٻارن سان گڏ سفر دوران گوليون هڻي ماري چيو ويندو ته دهشتگرد هيا. ساهيوال سانحو پاڪستانين کي ئي نه پر سموري دنيا کي رواريو آهي. هن چيو ته ڇا ڪنهن جي والدين کي ماري سندن گل پيش ڪيا ويندا آهن؟ ڇا ڪنهن جي گھر ۾ ماتم هجي ته ان ڏي وڃي گل پيش ڪيا ويندا آهن؟ ڪيتري ڏک جي ڳالهه آهي ته وڏو وزير ٻارن وٽ گل کڻي وڃي ۽ تصوير ڪڍرائي، ڇا مدينه رياست ۾ ايئين ٿيندو آهي؟ وزيراعظم بيان ۾ چوندو آهي ته آئون صدمي ۾ آهيان، ڪو ٻيو لفظ استعمال ڪري پر مديني واري رياست جهڙي لفظ جو استعمال نه ڪري، خدا خدا ڪيو.هن چيو ته چيو رهيا آهن ته ڊرائيور دهشتگرد هيو، وارث چون ٿا هو ڪڏهن شهر کان ٻاهر ناهي ويو، ڊرائيور جي وارثن کي ڌمڪيون ڏئي تدفين ڪرائي وئي. جي آءِ ٽي ته مذاق آهي، سرد خاني ۾ وجهڻو هجي ته جي آءِ ٽي ٺاهيو، ويل حڪومت به هجي ها ته صحيح حقيقت سامهون اچي وئي هجي ها.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *