ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب فارنزڪ ليبارٽري ساهيوال سانحي جي جاچ ۾ ڌوکو ڏيڻ جي ڪوشش جو پول کلي ويو ۽ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي ناهن ٿيا. ٻئي پاسي موقعي تي هلايل پوليس جون گاڏيون فارنزڪ ايجنسي کي ٽرڪ ۾ لوڊ ڪري موڪليون ويون حالانڪه انهن جا فيول ۽ اليڪٽرانڪ سسٽم تباهه هئڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي. فارنزڪ سائنس ايجنسي جي ذريعن چيو آهي ته ليبارٽري کي جاچ لاءِ 100 کان وڌيڪ گولين جا خول، 4 مشين گنون ۽ 2 نائن ايم ايم پسٽل موڪليا ويا هئا پر اهي خول انهن جي فراهم ڪيل سب مشين گنن ۽ پسٽلن جا نه هئا. ٻئي پاسي نائن ايم ايم جو ڪو خول يا گولي نه موڪلي وئي، ان ڪري نائن ايم ايم جا ٻه پسٽل فرنزڪ لاءِ موڪلڻ جو ڪو جواز ئي نه هو ذريعن جو چوڻ آهي ته ساهيوال سانحي ۾ استعمال ٿيندڙ سب مشين گنون تبديل ڪري ان بدران ٻيون سب مشين گن موڪليون ويون هيون. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ائين لڳي ٿو ته پوليس جي گاڏي ۾ لڳڻ واريون چار گوليون به پاڻ پوليس پاران ئي هلايون ويون هيون. ٻئي پاسي پوليس جي ٽرڪ ۾ لوڊ ڪري فارنزڪ سائنس ايجنسي موڪليو ويو، جڏهن ته ساهيوال سانحي وقت پوليس جي گاڏي کي اتان هلائي کنيو ويو هو. پوليس گاڏي جو اليڪٽرانڪ ۽ فيول سسٽم اڏي ويو ته ان کي ڪيئن هلايو ويو؟ مقتول ذيشان جي ڪار کي هلندي  ۽ بيٺي گوليون هنيون ويون جڏهن ته هڪ فٽ جي مفاصلي کان به ڪار کي گوليون لڳيون، متاثر ڪار کي هڪ ئي پاسي کان چارچار گوليون به لڳيون جيڪي هلندڙ گاڏي ۾ لڳڻ ممڪن نه هو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *