سانگهڙ سٽي مان 12 وارڊن مان 10 سيٽون ف ليگ ٻهاري وئي، 2 سيٽن تي پ پ اميدوار ڪامياب، مختلف هنڌن تي جهيڙا، 11 زخمي

سانگهڙ (نمائندو) سانگھڙ ضلعي ۽ بدين جي ڪجھ تڪن تي مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، سانگهڙ سٽي مان 12 وارڊن مان 10 سيٽون فنڪشنل ليگ ٻهاري وئي، 2 سيٽن تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿي سگهيا، شاهپور چاڪر جي 8 وارڊن مان 6 تي پ پ اميدوار سوڀارا ٿيا، جهول جي 6 وارڊن مان 3 تي پ پ ۽ 3 تي فنڪشنل ليگ اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي آهي…. سانگهڙ ضلعي جي هڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، 11 ٽائون ڪميٽين ۽ 73 يونين ڪائونسل تي پولنگ جو عمل صبح ساڍي ستين وڳي شروع ٿيو، جيڪو شام ساڍي پنجين وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهيو. پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، سانگهڙ جي وارڊ 3 تي فنڪشنل ليگ اميدوار امجد راجپوت، وارڊ نمبر 8 تي فنڪشنل ليگ اميدوار زاهد حسين1146، وارڊ نمبر 10 تي فنڪشنل ليگ اميدوار رضا خاصخيلي 606 ۽ وارڊ نمبر 11 تي فنڪشنل ليگ اميدوار عاصم سنڌو، وارڊ نمبر 12 تي فنڪشنل ليگ اميدوار مراد علي نظاماڻي، وارڊ نمبر 7 تي فنڪشنل ليگ اميدوار الهبچايو نظاماڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي…..کپري جي 18 وارڊن مان 11 تي پ پ اميدوار ۽ 7 تي فنڪشنل ليگ جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن، شهدادپور جي يوسي جمه تي پ پ اميدوار شفيق احمد 2768 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي……غير حتمي ۽ غير سرڪاري چونڊ نتيجن موجب سانگهڙ جي يوسي سدرٺ تي ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ اميدوار نويد ڏيرو ڪاميابي ماڻي ورتي آهي….جهول جي 6 وارڊن مان 3 تي پ پ ۽ 3 تي فنڪشنل ليگ اميدوار سوڀارا ٿيا آهن، جهول جي وارڊ نمبر 2 تي فنڪشنل ليگ اميدوار رفيق احمد آرائين 335 ووٽ جڏهن ته وارڊ نمبر 5 تي پ پ اميدوار بابو مڪراني 495 ووٽ کڻي غير حتمي ۽ غيرسرڪاري چونڊ نتيجن موجب ڪامياب ٿي ويو……. جهول جي وارڊ نمبر هڪ تي فنڪشنل اميدوار رشيد 390 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، وارڊ نمبر 6 تي فنڪشنل ليگ جو اميدوار نواب چنڙ 790 ووٽ کنيا جڏهن ته مخالف پ پ اميدوار انور شر 410 ووٽ حاصل ڪيا، وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار خان محمد خاصخيلي 870 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو …..کپري جي وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار ملڪ ضمير ۽ وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار وسيم قائمخاني ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته وارڊ نمبر 6 تي پ پ اميدوار عابد قائمخاني ڪامياب ٿيو آهي……ڄام نواز علي جي وارڊ نمبر هڪ تي فنڪشنل ليگ اميدوار ڄام نور علي 848 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته سندس مخالف پ پ اميدوار صرف 6 ووٽ کڻي سگهيو، ساڳي ريت وارڊ نمبر 2 تان فنڪشنل ليگ اميدوار ڄام زاهد 930 ووٽ کنيا جڏهن ته سندس مخالف پ پ اميدوار صرف 8 ووٽ کڻي سگهيو…….ڄآم نواز علي جي يوسي جمڙائو ۾ يوسي چيئرمين جي سيٽ تي فنڪشنل ليگ اميدوار اڪرام جوڻيجو 2134 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، يوسي جمڙائو جي وارڊ نمبر هڪ تي فنڪشنل ليگ اميدوار منظور خاصخيلي 810 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي….يوسي جمڙائو جي وارڊ نمبر 2 تي ف ليگ اميدوار علي حسن بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو، وارڊ نمبر 3 تي ف ليگ جو علي کوسو، وارڊ نمبر 4 تي فنڪشنل ليگ جو حاڪم شاهه ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر لاءِ اميدوار ڄام شبير علي پڻ ڪامياب ٿي ويو آهي..ٽنڊو آدم جي يوسي پيرو فقير شورو ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جي سيٽ تي پ پ اميدوار مختيار شورو 4 هزار 347 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته يوسي ميرحسن مري ۾ چيئرمين جي سيٽ تي پ پ اميدوار عقيل مري ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي…سرهاڙي جي يوسي حبيب ڪيريو جي وارڊ نمبر هڪ تي جي يو آءِ جو هاشم درس ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، شاهپور چاڪر جي 8 وارڊن مان 6 تي پ پ اميدوار هڪ تي فنڪشنل ليگ اميدوار ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته هڪ وارڊ جو رزلٽ اڃا سامهون نه اچي سگهيو آهي……هوڏانهن بدين ضلعي جي يوسي ڪڙيو گنهور ۾ مرزا گروپ جو اميدوار هارون نظاماڻي 750 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پ پ اميدوار صرف 50 ووٽ کڻي سگهيو، ڪڙيو گنهور جي وارڊ 4 تي پ پ اميدوار پيربخش 318 ووٽ ڪامياب ٿي ويو…..تلهار جي وارڊ نمبر 5 تي مرزا گروپ جو اميدوار حسن جمالي، وارڊ نمبر 11 تي پ پ اميدوار صديق هاليپوٽو 371 ووٽ کنيا، وارڊ نمبر 7 تي آزاد اتحاد گروپ جي اميدوار شاهد ٽالپر 328 ووٽ کنيا، وارڊ نمبر 8 تي مرزا گروپ جو عثمان جلباڻي 481 ۽ وارڊ نمبر 10 تي آزاد اميدوار فيصل ٽالپر 372 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي…ٽنڊو باگو جي وارڊ نمبر 7 تي پ پ اميدوار نورمحمد ڪاتيار 633 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي…..ان کان مڪاني چونڊ دوران ٽنڊي آدم جي يوسي ماڻڪ ٿهيم ۾ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ احمد ٿهيم، علي نواز ۽ نور ٿهيم زخمي ٿي پيا. کپرو ۾ پولنگ اسٽيشن جمعون سمون تي به ٻن گروپن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.. فائرنگ جي واقعن کانپوءِ پولنگ جو عمل بند ڪيو ويو، جيڪو ڪجهه وقت کانپوءِ ٻيهر شروع ڪيو ويو. شهدادپور جي يوسي 5 ۽ 6 جي مختلف پولنگ اسٽيشنز ۽ شاهپور چاڪر جِي يوسي ڪورو خان عمراڻي تي فنڪشنل ليگ اميدوارن چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو. فنڪشنل ليگ اڳواڻن الزام هنيو آهي ته پولنگ اسٽيشنز تي بيلٽ پيپر وقت کان اڳ آندا ويا ۽ پولنگ اسٽيشنون به تبديل ڪيون ويون.. يوسي ساڌڻو جي وارڊ نمبر 2 ۽ 3، جڏهن ته يوسي سيٺار پير جي وارڊ نمبر 2 ۾ اميدوارن جا نشان تبديل هجڻ سبب چونڊ ملتوي ڪئي وئي. ٻئي پاسي سانگهڙ ۽ بدين جي رهجي ويل هنڌن تي مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ دوران مختلف علائقن ۾ جهيڙن ۾ 11 ڄڻا زخمي. جڏهن ته ڪيترين پولنگ اسٽيشنن تي بدنظمي سبب ووٽنگ وارو عمل روڪيو ويو. کپري جي يوسي بلاول هڱورو جي پولنگ اسٽيشن جمعو سمي تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جهيڙي جي اطلاع تي پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آڻي زخمين کي اسپتال پهچايو. کپري جي وارڊ نمبر هڪ تي عورتن جي پولنگ ۾ ڇڪتاڻ تان بدنظمي سبب ووٽنگ وارو عمل روڪيو ويو. ٽنڊي آدم جي يوسي ماڻڪ ٿهيم جي پولنگ اسٽيشن ۾ پيپلز پارٽي اميدوار طرفان بيلٽ پيپرن تي ٺپا هڻڻ تي ايس يو پي اميدوار ڪرن ٿهيم احتجاج ڪيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي ووٽرن ۾ جهيڙو ٿيو. جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄنا زخمي ٿي پيا ۽ ووٽنگ وارو عمل ٻن ڪلاڪن تائين پڻ روڪيو ويو. ايس يو پي اميدوار ڪرن ٿهيم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ اميدوار بيلٽ پيپرن تي ٺپا هنيا جنهن خلاف دانهڻ تي کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون. ڍوري ناري جي يوسي ماڻڪ ٿهيم جي پولنگ نمبر 5 ۾جهيڙي دوان 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پولنگ ۾ جهيڙي سبب ووٽنگ وارو عنل ڪجهه وقت لاءِ روڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *