سامونڊي طوفان جو ئي نه پر سياسي نيلوفر جو به خطرو آهي: سراج الحق

ڪوئيٽا(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق هڪ ڀيرو وري وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ عمران خان کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پاڻ ۾ گڏجيويهي ملڪ ۾ هلندڙ سياسي بحران جو ڪو حل ڪڍن هن چيو ته هڪ طرف ته سامونڊي طوفان نيلوفر جو خطرو آهي ته ٻئي طرف ڪراچي ۽ سنڌ ۾ سياسي نيلوفر جو به خطرو آهي ۽ انهن حالتن ۾ اسان جي ڪوشش آهي ته ڪو نئون هنگامو نه کڙو ٿئي اڄ ڪراچي کان ڪوئيٽا پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو اڳ به موقف هو ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن جون استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن ۽ ان سلسلي ۾ سياسي جرڳي اسپيڪر کي ذاتي طور تي به اپيل ڪئي هئي ڇو ته جيڪڏهن استعيفائون منظور ٿيون ته پوءِ سياسي بحران اڃان وڌي ويندو ۽ سمورين ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌندي، جنهن کانپوءِ وچولي عرصي وارين چونڊن جو امڪان اڃان وڌي ويندو هن چيو ته آئون نه ٿو چاهيان ته سياسي ويڙهه جي ڪري ملڪ جا مسئلا اڃان وڌي وڃن هن وقت سموري قوم کي محرم دوران امن امان جو مسئلو درپيش آهي ۽ ملڪ جون حالتون به ڪي خاص چڱيون ناهن خيبر پختونخواهه ۽ قبائلي علائقن ۾ آپريشن هلي رهيو آهي ۽ 11 لکن کان وڌيڪ آءِ ڊي پيز جو مسئلو اڃان حل نه ٿيو آهي ان صورتحال ۾ حڪومتي وزيرن سياسيتدانن ۽ ڪن ٻين وڏن جو ته ڪجهه به نه بگڙجندو پر عوام جو ڪافي نقصان ٿيندو جماعت اسلامي جي امير جو اهو به چوڻ هو ته ڌرڻن کان اڳ به ملڪي معيشت سٺي نه هئي ۽ هاڻ ته اڃان به صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي جيڪو حڪومتي معاشي ناڪامي جو ثبوت آهي بلوچستان جي حوالي سان سراج الحق جو چوڻ هو ته اتي امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي ۽ اتي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *