سال 2021، عوام لاءِ تبديلي سرڪار جو سڀ کان مهانگو سال ثابت ٿيو، وفاقي ڳڻپ وارو ادارو

ڪراچي (اين اين آءِ) وفاقي ڳڻپ واري اداري مطابق 2021 عوام لاءِ تبديلي سرڪار جو سڀ کان مهانگو سال ثابت ٿيو هلندڙ سال ڳچ ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو رپورٽ موجب وزيراعظم، وفاقي وزيرن جي وڏي دعويٰ تقريرون بيان ڪم جا ثابت نه ٿيا تبديلي سرڪار عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ اهڙا تحفا ڏنا جو رڳو هڪ ئي ڳالهه مهانگائي مهانگائي ۽ بس مهانگائي تاريخي مهانگائي سبب عوام سخت عذاب ۾مبتلا رهيو هر مهيني وڌندڙ مهانگائي جي شرح نومبر ۾ 11.5 سيڪڙو سطح تي پهتي ۽ اهڙي طرح سيپٽمبر سڀ کان وڌيڪ ستمگر ثابت ٿيو ۽ اهڙي طرح مهانگائي ئي 2021 کي روانو ڪري ڇڏيو. انگناکرن مطابق فيبروري 2021 دوران مهانگائي جو پارو 8.7 سيڪڙو ۽ مارچ ۾ 9.1 سيڪڙو تائين پهچي ويو ۽ پوءِ اپريل ۾ شرح سال جي ٻي بلند ترين سطح 11.1 سيڪڙو تي پهتي وري هڪ دفعو ٻيهر نومبر ۾ مهانگائي سال جي بلند ترين سطح 11.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ڳڻپ واري اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته هلندڙ سال دوران ڳچ ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو تبديلي سرڪار جي هڪ سال دوران 20 ڪلو اٽي جوٿيلهو 210 رپين ۾، اڍائي ڪلو گيهه ڪاٽن هڪ سال ۾ رڪارڊ 359 رپيا 33 پئسا۽ پنج ڪلو گيهه ڪاٽن هڪ سال ۾ 775 رپيا مهانگو ٿيو هلندڙ سال کنڊ سراسري 7 رپيا 53 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي هلندڙسال کنڊجي سراسري قيمت 84 مان وڌي 91 رپيا 53 پئسا في ڪلو ٿي وئي هلندڙ سال کنڊ جي قيمت 110 رپيا في ڪلو تائين به پهتي رپورٽ مطابق هڪ سال۾ بجلي چارجز 3 رپيا 40 پئسا في يونٽ وڌي ويا. بجلي چارجز 4.05 رپين مان وڌي 7.45 رپيا في يونٽ ٿي ويا. هڪ سال ۾ مٽن 163 رپيا 68 پئسا، بيف هڪ سئو رپيا 41 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو هلندڙ سال ايل پيجي جو گهريلو سلينڊر  هڪ هزار 22 رپيا 87 پئسا مهانگو ٿيو انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال تازي کير جي قيمت ۾ 9 رپيا 13 پئسن جو اضافو ٿيو هلندڙ سال ڏهي جي في ڪلو قيمت ۾ 11 رپيا 12 پئسا جواضافو ٿيو هلندڙ سال دال مصور 52 رپيا 86 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي چڻن جي دال جي سراسري قيمت 17 رپيا 24 پئسا في ڪلو وڌي. هڪ سال ۾ ڳڙ 13 رپيا 50 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو ساڳئي عرصي ۾ ٿوم 43 رپيا 84 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي هڪ سال۾ دال ماش 42 رپيا 59 پئسا في ڪلو سستي ٿي مڱن جي دال 56 رپيا 20 پئسا في ڪلو سستي ٿي آنن جي قيمت ۾ 21 رپيا 28 پئسا في درجن گهٽتائي ٿي. هڪ سال ۾ ٽماٽر 11 رپيا 40 پئسا ۽ بصر 6 رپيا 92 پئسا في ڪلو سستو ٿيو هڪ سال ۾ زنده ڪڪڙ جي في ڪلو قيمت ۾ هڪ رپيو 40 پئسا لاٿ ٿي 2021 ۾ ايلپي جي جو گهريلو سلينڊر 962 رپيا مهانگو ٿيو ڊسمبر 2020 ۾ ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 1419 رپين جو هو جيڪو ڊسمبر 2021 ۾ ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 2345 رپين جو ٿي چڪو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *