
ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار سيف علي خان ۽ امرتا سنگهه جي ڌيءُ ساره علي خان پوري زندگي پنهنجي ماءُ سان گڏ گذارڻ چاهي ٿي. باليووڊ /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 20
جي اڀرندڙ اداڪاره ساره ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي امڙ جي گهڻي ويجهو آهي، ساره پنهنجي شادي کانپوءِ جو پلان ٻڌائيندي چيو ته منهنجي امڙ سان گڏ پوري زندگي رهڻ جو ارادو آهي، پر جڏهن به کيس اها ڳالهه ڪندي آهيان ته هوءَ پريشان ٿي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ذهن ۾ منهنجي شادي جو خيال اچي ويندو آهي، مان ان سان گڏ ٻاهر گهمڻ پسند ڪندي آهيان. امڙ جڏهن ڪجهه ڏينهن لاءِ به مون کان پري ٿيندي آهي ته مان کيس گهڻو ياد ڪندي آهيان. ساره هن وقت امتياز علي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم “لوِ آج ڪل 2” ۾ ڪارتڪ آريان سان گڏ مرڪزي ڪردار نڀائي رهي آهي.