سارا ٽيلر مردن جي ٽيم ۾ کيڏندڙ پهرين برطانوي عورت رانديگر بڻجي وئي

سڊني (اسپورٽس نيوز) برطانوي وڪيٽ ڪيپر سارا ٽيلر آسٽريليا ۾ مردن جي ٽيم ۾ بهترين ڪرڪيٽ کيڏندڙ پهرين عورت بڻجي وئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق برطانوي ومينز ڪرڪيٽ ٽِم جي وڪيٽ ڪيپر سارا ٽيلر آسٽريليا ۾ مردن جير ٽيم ۾ بهترين ڪرڪيٽ کڏندڙ پهرين عورت بڻجي وئي، جڏهن ته برطانوي عورت ڪرڪيٽر پنهنجي مخلف اعزاز تي گهڻي خوش آهي. سارا ٽيلر گذريل ڏينهن نارٿ ڊسٽرڪٽ ڪلب پاران پورٽ ايڊيليڊ جي خلاف ٻن ڏينهن واري ميچ ۾ حصو ورتو، جڏهن ته ميچ دوران سارا لورين وڪيٽ ڪيپر جا فرض سنڀاليا. عورت ڪرڪيٽر سارا ٽيلر جو چوڻ هو ته مردن سان ڪرڪيٽ کيڏي گهڻي خوشي ٿي آهي، جنهن سان مونکي سکڻ جو موقعو ملي رهيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ به عورتن کي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ مرد رانديگرن سان ضرور کيڏڻ گهرجي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *