زينب قتل ڪيس: 6 ٻارڙين جي قتل جو جوابدار هڪ ئي آهي: پنجاب پوليس

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ اڳواڻ سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته سڄي قوم ڄاڻن گهري ٿي ته زينب جا قاتل ڪير آهن، تجويز ڏينداسين ته اهڙا ڏوهه ڪندڙن کي ڦاهي ڏني وڃي، جيڪڏهن اسان معصوم ٻارڙن جي ڪوڪن، دانهن جو جواب نٿا ڏئي سگهون ته اسان ناڪام آهيون، سومر تي رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ سينيٽ جي گهرو قائمه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ قصور ۾ جنسي ڏاڍائي کانپوءِ قتل ڪيل معصوم زينب جي والد محمد امين ۽ پنجاب پوليس جي عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مقتول زينب ۽ مردان ۾ مقتول عاصمه لاءِ دعا ڪئي وئي، اجلاس ۾ قصور ۽ مردان ۾ نينگرين جي مارجڻ جي خلاف مذمتي ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو، ٺهراءَ جي متن موجب ٻارڙن کي اغوا ۽ جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن کي ڦاهي تي چاڙهيو وڃي، ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي ۽ ٻين ڏوهن لاءِ ڪميشن جوڙيو وڃي، ٻارڙن بابت ڏوهه روڪڻ لاءِ پوليس واٽس اپ نمبر متعارف ڪرايو وڃي، اجلاس ۾ بلوچستان ۾ پوليو ورڪز ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي به فاتح خواني ڪئي وئي، اجلاس ۾ زينب جي والد محمد امين چيو ته ان ڏينهن منهنجو ڀائٽيو عثمان نياڻي سان سپارو پڙهڻ ويو هو، منهنجو ڀائٽيو سپارو پڙهڻ هليو ويو پر زينب سپارو پڙهڻ نه پهتي، منهنجي نياڻي کي ان ڏينهن پيسا به هئا، اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت نياڻي کي ڳولڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته جنهن ڏينهن زينب اغوا ٿي ان رات اسان 15 تي ڪال ڪئي هئي، پوليس وارا ايندا هئا، ڪنو کائيندا ۽ چانهن پئيندا هئا، جڏهن لاش مليو هو ان وقت کوجي ڪتن جي مدد سان جوابدار جي سڃاڻپ ڪري سگهجي پئي، اسان پنهنجي فيملي جا سڀ کان پهريان ڊي اين اي ڪرايا، هن چيو ته علائقي جي ماڻهن جا ڊي اين اي ورتا پيا وڃن، پوليس پاران ڪافي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ جي شڪايت اچي رهي، ٻه 3 شڪي ماڻهن عمر، آصف ۽ رانجها کي پولس پڪڙيو آهي، پوليس ٻڌايو آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن جو زينب معاملي سان ڪو به تعلق نه آهي، مون پوليس کي چيو آهي ته انهن کان وڌيڪ جاچ ڪيو، ڏک ٿو ٿئي ته 12 کان 13 ڏينهن گذري ويا جوابدار گرفتار نه ڪيو ويو آهي، اسان ٻارڙن کي سمجهايو هو ته ڪنهن کان ڪا به شيءِ وٺي نه کائڻ گهرجي، اسان کي جلد کان جلد انصاف ملي، هن چيو ته جيئن جوابدار پڪڙيو وڃي، هڪ هفتي ۾ ڪيس هلائي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، جنهن جو قانون ٺاهيو وڃي ان جو نالو زينب شهيد جي نالي تي رکيو وڃي، سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته اوهان جي نياڻي ته نٿا آڻي سگهون پر اوهان جي زخمن تي مرحم ضرور رکنداسين، انچارج انويسٽيگيشن ٽيم ڊي آءِ جي ابوبر خدا بخش بريفنگ ۾ ٻڌايو ته جولاءِ کان هن وقت تائين جاچ موجب زينب سميت ٻين نينگرين عاصمه،لائبا، تهمينا، نور فاطمه، ايمان فاطم، ثنا سان جنسي ڏاڍائي ٿي، 31 آڪٽومبر 2017 کان هن وقت تائين 696 ڊي اين اي ڪيا ويا ۽ 692 ماڻهن کان جاچ ڪئي وئي، 125 ڊي اين اي جو رلزٽ اڃاتائين ناهي آيو، زينب جو قاتل سڀاڻي به پڪڙجي به سگهجي ٿو ۽ ڪافي مهينا به لڳي سگهن ٿا، پر يقين سان ڪجهه نٿا چئي سگهون، اسان هڪ اهڙو جوابدار به پڪڙيو جنهن هڪ سال ۾ 25 فون جون سمون تبديل ڪيون، ان جوابدار جو به ڊي اين اي ڪرايو آهي، ڊي آءِ جي مردان عاصمه قتل بابت ڪيمٽي کي ٻڌايو ته 13 جنوري تي عاصمه اغوا ٿي، پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو جنهن مان خبر پئي ته کيس گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو، ريپ، قتل ۽ انتقام کي مٿي رکندي جاچ ڪئي پئي وڃي، جيو فينسنگ به ڪئي پئي وڃي، اجلاس ۾ زينب ۽ عاصمه لاءِ دعا گهري وئي ۽ واقعن جي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *