زينب قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو، 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب

راولپنڊي/اسلام آباد(اين اين آءِ/ ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار قصور ۾ معصوم نينگري سان پيش آيل واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. تفصيل موجب آرمي چيف ٻارڙي جي وارثن جي اپيل تي فوري ڪارروائي ڪندي پاڪ فوج کي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سول انتظاميا جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻارڙي جي وارثن پنهنجي ڌيءَ کي دفن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي سندن مطالبو آهي ته جيستائين کين انصاف نه ملندو هو پنهنجي ڌيءَ کي دفن نه ڪندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ آرمي چيف کان انصاف جي اپيل ڪئي هئي. بئي طرف پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه معصوم زينب جي قتل جي مزمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آرمي کي سول انتظاميا جي هر طرح جي مدد جي هدايت ڪئي آهي، اربع تي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پاران جاري ڪيل بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف معصوم زينب جي قتل جي مزمت ڪئي. معصوم زينب جي والدين جي اپيل جي رد عمل ۾ پاڪ فوج جي سربراهه آرمي کي هدايت ڪئي ته جوابدارن جي گرفتار ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سول انتطاميا جي مدد ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *