زيرو پيداوار آهي، ٽئي يونٽ گڏ نٿا هلي سگهن، ان تي خرچ ڪرڻ بيڪار آهي: سيڪريٽري پاڻي بجلي جو اعتراف

اسلام آباد (بيورو) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي هيٺين ڪاميٽي ۾ پاڻي ۽ بجلي سيڪريٽري يونس ڍاگا تسليم ڪيو آهي ته لاکڙا پاور پراجيڪٽ کان خراب فيصلو تاريخ ۾ ڪوبه نه هو، غلط فيصلن جي سزا ڀڳتي رهيا آهيون، زيرو پيداوار آهي، ٽئي يونٽ گڏ نٿا هلي سگهن، ان تي خرچ ڪرڻ بيڪار آهي، ٿرڪول تي آءِ ڊي پيز ڪم ڪري رهي آهي، آڊٽ حڪام ٻڌايو ته ريلوي حڪام 3 2  سال پهريان 2 5  لک رپي جي سامان چوري ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي نه ڪري سگهيا، ڪاميٽي جو سخت غصي جو اظهار، پاڪستان ريلوي جي پوري ملڪ ۾ زمينن تي قبضن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ گهري ورتي. هيٺين ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي ڪنوينئر شاهده اختر جي سربراهي ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پاڻي بجلي وزارت ۽ ريلوي وزارت جي سال پراڻا آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ حڪام ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي جو 3 2  سال پهريان 2 5  لک رپين جو سامان چوري ٿيو هو، جنهن تي ڪا ڪاروائي عمل ۾ ناهي آندي وئي، جنهن تي ريلوي سيڪريٽري پرويز آغا چيو ته ان معاملي جي جاچ لاءِ ريلوي بورڊ بڻجي ويو آهي، جلد ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ٿيندي، اهي تمام آڊٽ اعتراض 0 2 ، 5 2  سال پراڻا آهن، هاڻ ريلوي ۾ حالتون بدلجي چڪيون آهن، اسان بريفنگ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان ريلوي لينڊ مافيا کان 0 1  ارب رپين جي ايراضي ڇڏرائي آهي. جنهن تي ڪاميٽي چيو ته ڪاميابيون پنهنجي جاءِ تي پاڪستان ريلوي جي پوري ملڪ ۾ زمينن تي قبضن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. آڊٽ حڪام ٻڌايو ته ريلوي جو 0 9  لک کان وڌيڪ جو ناقص سامان خريد ڪيو ويو، جنهن تي هيستائين ڪا ڪاروائي عمل ۾ ناهي آندي وئي، ڪنوينئر ڪاميٽي چيو ته ريلوي بورڊ فيصلو ڪري ڪاميٽي کي آگاهه ڪري ته ڇا ڪرڻو آهي. پاڻي ۽ بجلي وزارت جي آڊٽ اعتراضن ۾ ٻڌايو ويو ته لاکڙا پاور پراجيڪٽ ۾ دير ٿي، جنهن سان ان جي لاڳت ۾ بي پناهه واڌ ٿي، 2 4  مهينن ۾ منصوبو مڪمل ٿيڻ سان 2  ارب 5 6  ڪروڙ 0 1  لک رپين جو خرچ اچڻو هو جيڪو 0 2 1  مهينن سبب 5  ارب 3 7  ڪروڙ جو خرچ آيو. منصوبو 7 8  ۾ شروع ٿيڻو هو غفلت ۽ لاپرواهي ثابت به ٿي پر سزائون نه ڏنيون ويون، جنهن تي پاڻي ۽ بجلي سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته رڪارڊ ۾ واپڊا ڪنهن تي ذميداري فڪس ناهي ڪئي ۽ نه ئي رڪارڊ ۾ ڪا شيءِ آهي، ڪاميٽي حڪم ڪري ته ٻيهر انڪوائري ڪري وٺون ٿا، جنهن تي ڪاميٽي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته ايترو پراڻو آڊٽ اعتراض ۽ ذميدارن جو تعين به نه آهي، مستقبل ۾ اهڙي غفلت ۽ لاپرواهين کان پاسو ڪيو وڃي. آڊٽ حڪام ڪاميٽي کي ٻڌايو ته لاکڙا پاور پراجيڪٽ جي ٽئين يونٽ کي ٽيسٽ ڪرڻ بغير قبول ڪيو ويو، جنهن سان اٽڪل 2  ارب رپين جو نقصان ٿيو، جنهن تي پاڻي ۽ بجلي سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته لاکڙا کان خراب فيصلو ڪوبه نه هو، ماضي جي غلط فيصلن کي ڀڳتي رهيا آهيون، لاکڙا زيرو پيداوار ڏئي رهيو آهي، گڏ ٽئي يونٽ نٿا هلي سگهن، لاکڙا تي خرچ ڪرڻ بيڪار آهي، جائيڪا جي مدد سان 0 6 1  ميگاواٽ جو فريش پلانٽ لڳايو پيو وڃي. ڪاميٽي چيو ته 2  هفتن ۾ انڪوائري رپورٽ پيش ڪريو. پاڻي ۽ بجلي سيڪريٽري ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ ٻڌايو ته ٿرڪول ۾ سرڪاري سطح تي ڪا سرمائيداري ناهي ٿي رهي، خانگي ڪمپنيون سرمايو لڳائي رهيون آهن، لاکڙا پاور پراجيڪٽ سرڪاري سرمائيداري جو سڀ کان وڏو مثال آهي، ٿر ۾ سمورا آءِ پي پيز آهن. ڪاميٽي هدايت ڏني ته نئين منصوبن کي بروقت چيڪ ڪيو وڃي ته اهي معيار مطابق هلي رهيا آهن يا نه ۽ ماهوار بنيادن تي تمام ٽربائنز کي هلايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *