زيادتي جا واقعا روڪڻ لاءِ ٻارڙن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جنسي زيادتي جا واقعا روڪڻ لاءِ ٻارڙن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪراچيءَ ۾ ناليواري گلوڪار شهزاد راءِ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻارڙن کي اهڙي تربيت ڏيڻ گهرجي جيئن هو پنهنجي حفاظت ڪري سگهن. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪجهه شين کي نصاب ۾ به شامل ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته قصور جهڙن واقعن کي مستقل بنيادن تي روڪڻ ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  سماجي تنظيمون سنڌ سرڪار سان گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ قصور جهڙا واقعا هر هنڌ ٿي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته تعليم ذريعي ٻارڙن کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قصور واقعي تي عالمي سطح تي بحث ٿيو آهي،  سنڌ سرڪار ٻارڙن جي حفاظت لاءِ چائلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ قائم ڪيو آهي، سڀ پاڪستاني سوچن ٿا ته ٻارن کي ڪيئن محفوظ رکجي. هن چيو ته پوليس جي نظام مان ڪو به مطئن ناهي، وڏي وزير مراد علي شاهه کي مخالف ڌر سان ڳالهائي پوليس جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته چئني صوبن کي ٻارڙن بابت ڄاڻ نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪو سنڌ ۾ اچي سياست ڪري ٿو ته اهو سندس حق آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *