زوب جي جابلو علائقي مان 3 ڏينهن ا ڳ اغوا ٿيل پوليو ٽيم جي 4 ورڪرن جا لاش مليا

زوب (م.ڊ) بلوچستان جي علائقي توده قبزئي جي جابلو علائقي مان 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پوليو ٽيم جي چئن رضاڪارن جا لاش هٿ آيا ليوز عملدارن مطابق علائي تودئي قبزئي جي جبلن مان چئن ڄڻن جا لاش مليا جن کي ڀرسان کان گوليون هڻي ماريو ويو هو لاش ويجهي اسپتال پهچايا ويا جتي انهن جي سڃاڻپ 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پوليو ٽيم ۾ شامل ٻه سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ هڪ ڊرائيور جي طور ٿي هڪ لاش جي سڃاڻپ اڃا رهيل آهي ذريعن مطابق واقعي جي خبر جهنگ ۾ باهه وانگر پکڙجي ويئي ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو هوڏانهن بلوچستان حڪومت ڪوئيٽا، زوب شيراني ۽ سبي ضلعن ۾ پوليو مهم ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *