زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ بابت ايف آئي اي، ڪي ڊِي اي آفيسرن جا بيان وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر وفاقي جاچ اداري ايف آئي اي ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي(ڪي ڊي اي) جي آفيسرن جا بيان قلمبند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي پاسي رينجرز سنڌ جي ترجمان وضاحت ڪئي آهي ته سوڪ سينٽر جي لينڊ ڊپارٽمينٽ جي آفيس تي ڇاپي جي اڳواڻي ايف آئي اي ڪئي، رينجرز اهلڪار رڳو سيڪيورٽي ڏئي رهيا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته لينڊ ڊپارٽمينٽ جي آفيس تي ڇاپي کانپوءِ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي اعليٰ آفيسرن سوڌو ڪيترن ئي عملدارن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ايف آئي اي پاران ڪي ڊِي اي آفيسرن جي بينڪ اڪائونٽن جا تفصيل جمع به ڪرڻ شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لينڊ ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن جي ملڪيت بابت به جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻه ڏينهن پهرين ايف آئي اي ۽ رينجرز سوڪ سينٽر ۾ لينڊ ڊپارٽمينٽ جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ قبضي ۾ ورتو هو. ذريعن مطابق وفاقي حڪومت جي ادارن سان لاڳاپيل 700 کان 800 ايڪڙ زمين اعتراض جوڳي طريقي سان نجي ماڻهن کي ڏني وئي آهي، جنهن بابت جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *