زمبابوي ۽ انگلينڊ خلاف قومي ٽيم ۽ انگلينڊ خلاف ٻن پريڪٽس ميچن لاءِ قومي اي ٽيم جو اعلان

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي سليڪشن ڪميٽي زمبابوي ۽ انگلينڊ خلاف قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ انگلينڊ خلاف ٻن پريڪٽس ميچن لاءِ قومي اي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو. مصباح الحق کي ٽيسٽ ٽيم، اظهر علي کي ون ڊي ٽيم ۽ شاهد آفريدي کي ٽي-20 جو ڪپتان برقرا رکيو ويو آهي. سليڪشن ڪميٽي چيف سليڪٽر هارون الرشيد جي سربراهي ۾ ٽنهي فارميٽ جي ڪپتانن سان مشاورت ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي منظوري بعد زمبابوي خلاف 15 رڪني ون ڊي ۽ 15 رڪني ٽي-20، انگلينڊ خلاف 15 رڪني ٽيسٽ ٽيم ۽ 14 رڪني اي ٽيم جو اعلان ڪيو. ٽي-20 اسڪواڊ ۾ عامر يامين ۽ عمران جونيئر پهريون ڀيرو پاڪستان جي نمائندگي ڪندو جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد حج جي ادائيگي ۽ انور علي ان فٽ هئڻ سبب ٽي-20 اسڪواڊ جو حصو نه بڻجي سگهيو . زمبابوي خلاف اعلانيل 15 رڪني ٽي-20 ٽيم ۾ محمد حفيظ، احمد شهزاد، مختار احمد، عمر اڪمل، صهيب مقصود، شعيب ملڪ، ڪپتان شآهد آفريدي، عامر يامين، محمد عرفان، بلال آصف، وهاب رياض، عماد وسيم، سهيل تنوير، محمد رضوان(وڪيٽ ڪيپر)، عمران خان جونيئر، زمبابوي خلاف 15 رڪني ون ڊي اسڪواڊ ۾ محمد حفيظ، احمد شهزاد، اظهر علي(ڪپتان)، صهيب مقصود، شعيب ملڪ، بابر اعظم، سرفراز احمد(وڪيٽ ڪيپر)، محمد رضوان، عماد وسيم، انور علي، وهاب رياض، ياسر شاهه، راحت علي، محمد عرفان، اسد شفيق شامل آهن. زمبابوي جي دوري لاءِ اعلانيل ٽيم مينيجمنٽ ۾ مينيجر نويد اڪرم چيمه، هيڊ ڪوچ، وقار يونس، اسپين بولنگ ڪوچ مشتاق احمد، بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور، فيلڊنگ ڪوچ ڪم ٽرينر گرانٽ لوڊن، فزيو ٿراپسٽ ڊاڪٽر سهيل سليم، اسسٽنٽ مينيجر ڪم ڪوچ شاهد اسلم، سيڪيورٽي مينيجر اظهار عارف، ڪرڪيٽ اينالسٽ طلحه بٽ ۽ مساجر ملنگ علي شامل آهن. انگلينڊ خلاف يو اي اي ۾ ٿيندڙ هوم سيريز لاءِ اعلانيل 15 رڪني ٽيسٽ ٽيم ۾ احمد شهزاد،شان مسعود، اظهر علي، محمد حفيظ، فواد عالم، اسد شفيق، ڪپتان مصباح الحق، يونس خان، وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد، ياسر شاهه، ذوالفقار بابر، وهاب رياض، عمران خان، راحت علي ۽ جنيد خان شامل آهن. انگلينڊ خلاف ٻن پريڪٽس ميچن لاءِ اعلانيل 14 رڪني اي ٽيم ۾ سميع اسلم، خرم منظور، فواد عالم، عمر امين، علي اسد، افتخار احمد، عثمان صلاح الدين، وڪيٽ ڪيپر عدنان اڪمل، محد اصفر، ظفر گوهر، ڪپتان جنيد خان، احسان عادل، ضياءُ الحق ۽ امير حمزه شامل آهن.ا

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *